اسان انفرادي حيثيت ۾ گھڻو ڪجھه حاصل ڪيو، پر اجتماعي طور تي ھڪ سٺو پاڪستاني بڻجڻ جي ضرورت آھي: ڪامران خان ٽيسوري

ڪراچي-13 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سي اي او سمٽ ڪراچي ۾ منعقد ”10 سي اي اوز بڪ لانچ ۽ سي اي او سمٽ“ ۾ خاص مھمان طور شرڪت ڪندي خطاب ۾ چيو ته ڪامياب سي اي اوز پاڪستان کي ڪامياب بنائڻ ۾ اھم ڪردار ڪري سگھن ٿا. ھن چيو ته ڪيترائي ادارا منافعي ۾ آھن پر پاڪستان  جا ڪجهه ادارا مجموعي طور تي خساري …

ڪراچي-13 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سي اي او سمٽ ڪراچي ۾ منعقد ”10 سي اي اوز بڪ لانچ ۽ سي اي او سمٽ“ ۾ خاص مھمان طور شرڪت ڪندي خطاب ۾ چيو ته ڪامياب سي اي اوز پاڪستان کي ڪامياب بنائڻ ۾ اھم ڪردار ڪري سگھن ٿا. ھن چيو ته ڪيترائي ادارا منافعي ۾ آھن پر پاڪستان  جا ڪجهه ادارا مجموعي طور تي خساري جو شڪار آھن. الزام مڙهڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا آھن پر انهن لاءِ جرئتمنداڻا فيصلا ڪرڻا پوندا آھن. گورنر ھائوس مان جاري پڌرائي موجب ڪامران خان ٽيسوري چيو ته اسان انفرادي حيثيت ۾ گھڻو ڪجھه حاصل ڪيو، پر اجتماعي طور تي ھڪ سٺو پاڪستاني بڻجڻ جي ضرورت آھي. ھن ٻڌايو ته گورنر ھائوس جا دروازا عوام لاءِ 24 ڪلاڪ کليل آھن ۽ ھيستائين 10 لک ماڻھن کي راشن ،11 ھزار ليپ ۽ 9 ھزار موٽر بائيڪس فراھم ڪيا ويا آهن. ھن واضح ڪيو ته کيس اقتدار نه پر ملڪ جو روشن مستقبل گھربل آھي. ھن چيو ته ملڪي ترقي لاءِ ضروري آھي ته پراڊڪٽ تي ”ميڊ ان پاڪستان“ نمايان ھجي ۽ باني جو معيار عالمي سطح جو ھجي. آخر ۾ گورنر سنڌ کي سندس تصوير تي يادگاري سووينئر پيش ڪيو ويو.