آءِ سي سي ٽي – 20 ورلڊ ڪپ جو وڏو اپ سيٽ، زمبابوي گروپ بي جي ميچ ۾ آسٽريليا کي 23 رنسن تان هارائي ڇڏيو

ڪولمبو-13 فيبروري (اي پي پي) زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي ٽي - 20 ورلڊ ڪپ جي 19هين ميچ ۾ بليسنگ مزارا باني جي عمده بالنگ عيوض آسٽريليا کي 23 رنسن تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ جو هڪ وڏو اپ سيٽ ڪري ڇڏيو. زمبابوي جي بالرن جي عمده بالنگ سبب آسٽريليا جي ٽيم گهربل 170 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. آسٽريلوي ٽيم جا 8 بيٽسمين ڊبل …

ڪولمبو-13 فيبروري (اي پي پي) زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي ٽي – 20 ورلڊ ڪپ جي 19هين ميچ ۾ بليسنگ مزارا باني جي عمده بالنگ عيوض آسٽريليا کي 23 رنسن تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ جو هڪ وڏو اپ سيٽ ڪري ڇڏيو. زمبابوي جي بالرن جي عمده بالنگ سبب آسٽريليا جي ٽيم گهربل 170 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. آسٽريلوي ٽيم جا 8 بيٽسمين ڊبل فيگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا. بليسنگ مزارا باني کي بهترين بالنگ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ڪالهه سريلنڪا جي گاديءَ واري هنڌ ڪولمبو جي آر پريماداسا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل آءِ سي سي ٽي – 20 ورلڊ ڪپ جي 19هين ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان ٽريوس هيڊ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. زمبابوي جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون اسڪور ڪيون ۽ آسٽريليا کي ميچ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ 170 رنسن جو هدف ڏنو. زمبابوي جي اوپنرن 61 رنسن جي بهترين شروعات فراهم ڪئي. تاديونشي ماروماني 35 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ٻي وڪيٽ تي برائن بينيٽ ۽ رائن برل وچ ۾ 70 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي. 131 جي مجموعي اسڪور تي رائل برل 35 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. زمبابوي مقرر 20 اوورز ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهي آسٽريليا جي ٽيم کي ڪاميابيءَ لاءِ 170 رنسن جو هدف ڏنو. اوپنر برائن بينيٽ 64 ۽ ڪپتان سڪندر رضا 25 رنسون ٺاهي ناقابل شڪست رهيا. آسٽريليا طرفا مارڪس اسٽوئنس ۽ ڪيمرون گرين هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. جواب ۾ زمبابوي جي بالرن جي بهترين بالنگ سبب آسٽريليا جي ٽيم گهربل 170 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. آسٽريلوي ٽيم 19.3 اوورز ۾ 146 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ميٿيو رينشا 65، گلين ميڪسويل 31 ۽ ڪپتان ٽريوس هيڊ 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ان کان علاوه ٻيا 8 رانديگر ڊبل فيگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا. زمبابوي طرفان بليسنگ مزارا باني 17 رنسن عيوض 4 ۽ بريڊ ايونز 23 رنسن عيوض 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. زمبابوي جي بليسنگ مزارا باني کي بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته اها زمبابوي جي ٽيم جي مسلسل ٻي ڪاميابي آهي.