پشاور-13 فيبروري (اي پي پي)ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سفيران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته مضبوط قيادت ۽ قومي يڪجهتي سان پاڪستان جي وقار ۾ اضافو ٿيو آهي، نوجوانن خاص ڪري شاگردن کي تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ بهتر سهولتن جي فراهمي اولين ترجيح آهي، گذريل ڏينهن شهيد بينظير ڀٽو وومين يونيورسٽي پشاور ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت شاگردن ۾ ليپ ٽاپس ورهائڻ واري تقريب ۾ خاص مهمان …
مضبوط قيادت ۽ قومي يڪجهتي سان پاڪستان جي وقار ۾ اضافو ٿيو آهي: وفاقي وزير انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
پشاور-13 فيبروري (اي پي پي)ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سفيران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته مضبوط قيادت ۽ قومي يڪجهتي سان پاڪستان جي وقار ۾ اضافو ٿيو آهي، نوجوانن خاص ڪري شاگردن کي تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ بهتر سهولتن جي فراهمي اولين ترجيح آهي، گذريل ڏينهن شهيد بينظير ڀٽو وومين يونيورسٽي پشاور ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت شاگردن ۾ ليپ ٽاپس ورهائڻ واري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت جي موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام شاگردن جي ٽئلينٽ، محنت ۽ عظمت کي خراج تحسين پيش ڪيو، هن چيو ته جيڪڏهن اسان جي ڌيئرن ۽ ڀينرن کي وقت تي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته اهي هر ميدان ۾ قوم ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿيون، هن چيو ته هن يونيورسٽي جو نالو بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب هجڻ عورتن جي قيادت، جمهوري جدوجهد ۽ قومي خدمت جو روشن مثال آهي، هن شاگردن تي زور ڀريو ته اهي تعليم سان گڏوگڏ انسانيت جي خدمت ۽ پاڪستانيت جي جذبي کي پڻ پنهنجي زندگي جو حصو بڻائين. تقريب جي پڄاڻي تي وفاقي وزير شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا، کين مبارڪون ڏنيون ۽ محنت، ميرٽ ۽ قومي خدمت جي اصولن کي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.











