سنڌ جي نوجوانن ۾ 16 هزار ليپ ٽاپ ورهايا ويندا، ميرٽ ۽ شفافيت پهرين ترجيح آهي:  وزيراعظم يوٿ پروگرام سنڌ جو ڪو آرڊينيٽر فهد شفيق

 حيدرآباد-13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي سنڌ جي ڪو آرڊينيٽر فهد شفيق چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ نوجوانن کي جديد تعليمي سهولتون ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ان سلسلي ۾ 16 هزار ليپ ٽاپ سرڪاري يونيورسٽين جي شاگردن ۾ ميرٽ جي بنياد تي ورهايا پيا وڃن. ٽنڊو آدم ۾ پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻ نعمان آرائين پاران ڏنل آجياڻي جي …

 حيدرآباد-13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي سنڌ جي ڪو آرڊينيٽر فهد شفيق چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ نوجوانن کي جديد تعليمي سهولتون ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ان سلسلي ۾ 16 هزار ليپ ٽاپ سرڪاري يونيورسٽين جي شاگردن ۾ ميرٽ جي بنياد تي ورهايا پيا وڃن. ٽنڊو آدم ۾ پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻ نعمان آرائين پاران ڏنل آجياڻي جي موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي فهد شفيق ٻڌايو ته پروگرام تحت ليپ ٽاپ، اسڪالر شپس ، انٽرن شپس ، اسڪل ڊولپمينٽ ٽريننگ ۽ نوجوانن لاءِ قرض اسڪيم سميت سموريون سهولتون مڪمل شفافيت ۽ ميرٽ جي اصولن موجب فراهم ڪيون پيون وڃن.