ڪراچي جي ترقياتي اسڪيمُن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو: سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي-12 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي مڪاني کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي ڪراچي جي ترقياتي اسڪيمُن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ پڻ منصوبن جي ذاتي نگراني ڪري رهيا آهن. هن عزم جو اظهار ڪيو ته ڪراچي کي جديد ۽ منظم شهر بڻائڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪيا ويندا ۽ ان …

ڪراچي-12 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي مڪاني کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي ڪراچي جي ترقياتي اسڪيمُن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ پڻ منصوبن جي ذاتي نگراني ڪري رهيا آهن. هن عزم جو اظهار ڪيو ته ڪراچي کي جديد ۽ منظم شهر بڻائڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪيا ويندا ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ جاري ۽ تجويز ڪيل ترقياتي اسڪيمن بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس دوران شهر جي انفراسٽرڪچر جي بهتري، ٽريفڪ مينيجمينٽ، اسٽريٽ لائيٽنگ ۽ شهري سهولتن سان لاڳاپيل منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ عملدرآمد جي رفتار تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته شهر ڀر ۾ 173 اهم شاهراهن جي تعمير ۽ بحالي جو ڪم مرحليوار شروع ڪيو ويندو جن ۾ مرڪزي واپاري مرڪزن ۽ رهائشي علائقن کي ملائيندڙ روڊ به شامل آهن . صوبائي وزير هدايت ڪئي ته سڀني منصوبن ۾ معياري مواد جي استعمال ۽ مقرر وقت اندر تڪميل کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شهرين کي پائيدار سهولتون مهيا ٿي سگهن. ان موقعي تي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اسٽريٽ لائيٽن جي تنصيب ۽ مرمت لاءِ خصوصي منصوبو پڻ فوري طور تي شروع ڪيو پيو وڃي جڏهن ته توانائي جي متبادل ذريعن جي فروغ لاءِ مختلف شاهراهن تي سولر اسٽريٽ لائيٽون لڳايون وينديون. هن چيو ته بهتر روشني واري نظام سان نه رڳو شهرين کي سهولت ملندي پر ڏوهن جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي اجلاس ۾ ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻائڻ لاءِ نون ٽريفڪ سگنلن ۽ جديد سائن بورڊن جي تنصيب جي به منظوري ڏني وئي. صوبائي وزير لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته مصروف چؤڪن ۽ حادثن جي خدشي وارن هنڌن جي نشاندهي ڪري اتي فوري قدم کنيا وڃن. ان کان علاوه وڌيڪ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ متبادل رستن جي تعمير ۽ ڪجهه هنڌن تي روڊ ويڪرائي جا منصوبا به شروع ڪيا ويندا. اجلاس جي پڄاڻي تي لاڳاپيل آفيسرن کي باقاعدگي سان اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري وسيم شمشاد، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، چيئرمين سي ايم آءِ ٽي بلال احمد ميمن، ڊي جي ميگا پروجيڪٽس غني شيخ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.