ڪراچي-12 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي صحت کاتي واري وزير عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته سنڌ حڪومت عورتن کي معاشي طور بااختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي۔ اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن صحت کاتي جي اهتمام هيٺ اين جي وي اسڪول ۾ “انٽيگريٽيڊ هيلٿ اينڊ وومين ايمپاورمينٽ پروگرام”تحت مستحق عورتن ۾ 2 لک روپين تائين بغير وياج قرضن جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو …
سنڌ حڪومت عورتن کي معاشي طور بااختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي: صوبائي وزير وزير عذرا فضل پيچوهو

مزید خبریں
ڪراچي-12 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي صحت کاتي واري وزير عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته سنڌ حڪومت عورتن کي معاشي طور بااختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي۔ اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن صحت کاتي جي اهتمام هيٺ اين جي وي اسڪول ۾ “انٽيگريٽيڊ هيلٿ اينڊ وومين ايمپاورمينٽ پروگرام”تحت مستحق عورتن ۾ 2 لک روپين تائين بغير وياج قرضن جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بغير وياج قرضن جي اها فراهمي روول ونگ فنڊ جي اصول تحت ڪم ڪندي، جنهن موجب پهرين مرحلي ۾ 7000 عورتن کي 2 لک روپين تائين قرض ڏنو ويندو، جنهن مان واپس ٿيندڙ رقم وڌيڪ عورتن جي مدد لاءِ استعمال ڪئي ويندي، اهڙي طرح هي سلسلو مستقل بنيادن تي جاري رهندو بااختيار اخوت اسلامي مائيڪرو فنانس سان ڀائيواري ۾ ڪراچي جي تاريخي تعليمي اداري نارائڻ جگن ناٿ وديا اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ ٿيل هن تقريب ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ عورتن شرڪت ڪئي۔ هي پروگرام اخوت اسلامي مائيڪرو فنانس جي سهڪار سان هلايو پيو وڃي، جنهن جو مقصد غريب ۽ وچولي طبقي جي عورتن کي بغير وياج مالي سهائتا فراهم ڪري کين پنهنجن پيرن تي بيهارڻ آهي۔ تقريب دوران ڪاروباري عورتن ۾ بغير وياج مائڪرو فنانس تحت چيڪ ورهايا ويا، جيئن اهي ٽيهن کان وڌيڪ ننڍن ڪاروبارن جي شروعات ڪري سگهن يا موجوده ڪاروبار کي وڌائي سگهن۔ هن پروگرام ذريعي سنڌ جي ڏورانهن ضلعن جي عورتن کي به معاشي وهڪري ۾ شامل ڪيو پيو وڃي۔ پي ايم يو عملدارن جو چوڻ آهي ته هي منصوبو رڳو قرض ڏيڻ تائين محدود ناهي، پر صحت ۽ سماجي ڀلائي ذريعي عورتن جي زندگي کي مڪمل طور تبديل ڪرڻ جو ذريعو آهي۔ تقريب ۾ سيڪريٽري صحت طاهر حسين سانگي، پروگرام ڊائريڪٽر شفقت علي سومرو، صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن، اخوت جي نمائندن ۽ سماجي شخصيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي۔ شرڪت ڪندڙن سنڌ حڪومت جي هن قدم کي غريب طبقي جي معاشي بحالي لاءِ هڪ اهم سنگِ ميل قرار ڏنو.











