لاڙڪاڻو -12 فيبروري (اي پي پي) بھار جي خوبصورت موسم ايندي ئي عالمي ورثي موئن جو دڙو تي سياحن جي آمد جو سلسلو جاري، ڪينيڊا، آمريڪا ۽ برطانيه کان آيل سياحن جي هڪ وفد اڄ سنڌ جي قديم تهذيب ۽ عالمي ورثي موئن جو دڙو جو سير ڪيو. سنڌ جي قديمي ماڳ موئن جو دڙو پهچي اسٽوپا گريٽ باٿ ۽ ميوزيم جو دورو ڪيو. موهن جو دڙو انتظاميا پاران پرڏيهي مهمانن …
بھار جي خوبصورت موسم ايندي ئي عالمي ورثي موئن جو دڙو تي سياحن جي آمد جو سلسلو جاري، ڪينيڊا، آمريڪا ۽ برطانيه کان آيل سياحن پاران موئن جي دڙو جو سير

مزید خبریں
لاڙڪاڻو -12 فيبروري (اي پي پي) بھار جي خوبصورت موسم ايندي ئي عالمي ورثي موئن جو دڙو تي سياحن جي آمد جو سلسلو جاري، ڪينيڊا، آمريڪا ۽ برطانيه کان آيل سياحن جي هڪ وفد اڄ سنڌ جي قديم تهذيب ۽ عالمي ورثي موئن جو دڙو جو سير ڪيو. سنڌ جي قديمي ماڳ موئن جو دڙو پهچي اسٽوپا گريٽ باٿ ۽ ميوزيم جو دورو ڪيو. موهن جو دڙو انتظاميا پاران پرڏيهي مهمانن جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو، جڏهن ته دوري دوران سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول جا مڪمل انتظام ڪيا ويا هئا.

آيل سياحن قديم آثارن جو معائنو ڪندي چيو ته 5 هزار سال اڳ موئن جو دڙو هڪ انتهائي منصوبه بندي سان جوڙيل شهر هو، جنهن جو مثال دنيا ۾ نٿو ملي. سياحن تاريخي ماڳ جي دوري تي وڏي خوشي جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت جي قدمن کي پڻ ساراهيو.سياحن وڌيڪ چيو ته هن عظيم تهذيب کي ويجهو کان ڏسڻ هڪ يادگار تجربو آهي ۽ هتي جي ماڻهن جي مهمان نوازي کين هميشه ياد رهندي.











