قمبر شهدادڪوٽ ۾ تشدد تي ٻڌل انتهاپسندي جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان آگاهي پروگرام منعقد

لاڙڪاڻو- 12 فيبروري (اي پي پي) قمبر شهدادڪوٽ ۾ تشدد تي ٻڌل انتهاپسندي جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سنڌ حڪومت ۽ ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ امداد علي ابڙو جي هدايتن تي ضلعي انتظاميا طرفان آگاهي پروگرام گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول قمبر ۾ منعقد ڪيو ويو، پروگرام ۾ تعليم، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، اطلاعات کاتي سميت ضلعي انتظاميا جي ماتحت ڪم ڪندڙ سرڪاري ادارن جي عملدارن وڏي تعداد …

لاڙڪاڻو- 12 فيبروري (اي پي پي) قمبر شهدادڪوٽ ۾ تشدد تي ٻڌل انتهاپسندي جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سنڌ حڪومت ۽ ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ امداد علي ابڙو جي هدايتن تي ضلعي انتظاميا طرفان آگاهي پروگرام گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول قمبر ۾ منعقد ڪيو ويو، پروگرام ۾ تعليم، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، اطلاعات کاتي سميت ضلعي انتظاميا جي ماتحت ڪم ڪندڙ سرڪاري ادارن جي عملدارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. آگاهي پروگرام جي صدارت ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (سيڪنڊري) الله بخش سومرو ڪئي. تقريب ۾ اسڪولي  شاگردن  وڏي انگ ۾  شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي بشير احمد چانڊيو، عبدالرحيم خيرائي، احمد سعيد ڪلهوڙو ۽ هيڊ ماستر نظير احمد لاکو چيو ته شاگردن کي انتهاپسند سوچ کان پري رکڻ لاءِ تعليمي سرگرميون انتهائي ضروري آهن. مقررين وڌيڪ چيو ته تعليم ذريعي ئي دهشتگردي جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو. پروگرام جي پڄاڻي تي شاگردن ۽ استادن پاران دهشتگردي جي خاتمي ۽ پاڪ فوج جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ريلي پڻ ڪڍي وئي. جنهن کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر الله بخش سومرو چيو ته شاگرد بهتر تعليم حاصل ڪري ملڪ مان دهشتگردي جي سدائين لاءِ ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.