صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس لاڙڪاڻو طرفان "ڪم واري جڳهه تي عورتن کي هراسان ڪرڻ کان تحفظ” بابت آگاهي سيمينار

لاڙڪاڻو -12 فيبروري(اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس لاڙڪاڻو طرفان "ڪم واري جڳهه تي عورتن کي هراسان ڪرڻ کان تحفظ" بابت هڪ اهم آگاهي بابت لاڙڪاڻي جي انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ اينڊ الائيڊ هيلٿ سائنسز ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو. صوبائي محتسب سنڌ جي ڪنسلٽنٽ ۽ رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سيد شڪيل حيدر سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته ڪم واري جڳهه تي عورتن سان ڪنهن به قسم جي هراسمينٽ نه صرف …

لاڙڪاڻو -12 فيبروري(اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس لاڙڪاڻو طرفان "ڪم واري جڳهه تي عورتن کي هراسان ڪرڻ کان تحفظ” بابت هڪ اهم آگاهي بابت لاڙڪاڻي جي انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ اينڊ الائيڊ هيلٿ سائنسز ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو. صوبائي محتسب سنڌ جي ڪنسلٽنٽ ۽ رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سيد شڪيل حيدر سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته ڪم واري جڳهه تي عورتن سان ڪنهن به قسم جي هراسمينٽ نه صرف اخلاقي برائي پر سنگين قانوني ڏوهه پڻ آهي. هن چيو ته هراسمينٽ آف وومين ايڪٽ 2010ع تحت متاثر عورتن کي مڪمل قانوني تحفظ حاصل آهي ۽ صوبائي محتسب آفيس سندن شڪايتن جي تڪڙي ٻڌڻي ڪري قانون موجب انصاف فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته اوهان کي ڪو جسماني طور تي هراسان ڪري ٿو ته ان لاءِ به قانون موجود آهي جنهن جي نتيجي ۾ سزا به ڏئي سگھجي ٿي پر ان لاءِ ضروري آهي ته ڪنهن سان به ناجائزي نه ٿيڻ گھرجي ۽ ڪنهن به گناھه جي حمايت نه ڪرڻ گھرجي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي گھر، اداري ۽ معاشري ۾ عورتن کي هراسان ڪندڙ ماڻهن خلاف آواز اٿارڻ گھرجي. هن چيو ته اداري ۾ آفيسر جو ڪردار تمام اهم آهي ۽ ان آفيسر جو فرض آهي ته اداري ۾ ٿيندڙ هراسمينٽ کي روڪي اوهان عورتن کي مضبوط ٿي سچ ڳالهائڻ گھرجي. هن چيو ته قانون جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ تمام ضروري آهي ۽ خاموشي ٽوڙڻ ان کان به وڌيڪ اهم آهي. هن چيو ته اهڙا آگاهي سيمينار جاري رکيا ويندا ته جيئن سماج ۾ عورتن خلاف ٿيندڙ هراسمينٽ جهڙن واقعن کي روڪي سگجهي ۽ سندن قانون بابت ڄاڻ ملي سگھي. سيمينار ۾ اداري جي شاگردياڻين هراسمينٽ آف وومين ايڪٽ 2010 بابت مختلف سوال ڪيا، جن جا کين جواب ڏنا ويا. سيمينار ۾ پرنسپال محمد صابر ميڻو، ڊائريڪٽر وسيم حسين مغيري، سينيئر فيڪلٽي ميمبر محمد يامين وڳڻ، انفارميشن آفيسر معراج احمد سميت اداري جي استادن، شاگردياڻين ۽ عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.