ڪولمبو- 12 فيبروري (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ آءِ سي سي مينز ٽي -20 ورلڊڪپ ۾ جمعي تي وڌيڪ ٽن ميچن جو فيصلو ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پهريون ميچ گروپ بي جي ٽيمن آسٽريليا ۽ زمبابوي وچ ۾ سريلنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو جي آرپريما داسا اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. ٻئي ميچ گروپ ڊي جون ٽيمون ڪينيڊا ۽ يو اي اي آمهون سامهون ٿينديون. جڏهن …
ڏهين آءِ سي سي مينز ٽي – 20 ورلڊڪپ ۾ جمعي تي وڌيڪ ٽن ميچن جو فيصلو ٿيندو

مزید خبریں
ڪولمبو- 12 فيبروري (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ آءِ سي سي مينز ٽي -20 ورلڊڪپ ۾ جمعي تي وڌيڪ ٽن ميچن جو فيصلو ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پهريون ميچ گروپ بي جي ٽيمن آسٽريليا ۽ زمبابوي وچ ۾ سريلنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو جي آرپريما داسا اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. ٻئي ميچ گروپ ڊي جون ٽيمون ڪينيڊا ۽ يو اي اي آمهون سامهون ٿينديون. جڏهن ته ٽيون ۽ آخري ميچ گروپ اي جي ٽيمن آمريڪا ۽ نيڌرلينڊز وچ ۾ کيڏيو ويندو. محدود اوورن جي فارميٽ جي ڏهين ميگا ايونٽ جا دلچسپ مقابلا ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ جاري آهن جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ميگا ايونٽ ۾ فائنل سميت 55 ميچون کيڏيون وينديون، ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ 8 مارچ تي کيڏي ويندي.











