ڪراچي-11 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 2026ع جي پهرين قومي پوليو جي خاتمي واري مهم دوران حاصل ڪيل وڏي ڪوريج تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ انتظامي ڪوريج 100 سيڪڙو، جڏهن ته گهر گهر ڪوريج 99 سيڪڙو رهي آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبائي ايمرجنسي آپريشن سينٽر طرفان 2 کان 8 فيبروري 2026ع تائين هلندڙ پوليو جي خاتمي واري مهم …
پوليو جو خاتمو اسان جي قومي ذميواري آهي، سنڌ حڪومت ان مقصد لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي: سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-11 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 2026ع جي پهرين قومي پوليو جي خاتمي واري مهم دوران حاصل ڪيل وڏي ڪوريج تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ انتظامي ڪوريج 100 سيڪڙو، جڏهن ته گهر گهر ڪوريج 99 سيڪڙو رهي آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبائي ايمرجنسي آپريشن سينٽر طرفان 2 کان 8 فيبروري 2026ع تائين هلندڙ پوليو جي خاتمي واري مهم بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ موجب حوصلا افزا انگن اکرن باوجود لڳ ڀڳ 2 لک 37 هزار 216 ٻار (2.6 سيڪڙو) مهم دوران رهجي ويا، جن مان گهڻا ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ آهن. ان تي وڏي وزير هدايت جاري ڪئي ته ڪنهن به ٻار کي وائرس جي خطري ۾ نه ڇڏيو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ والدين، سماج، ميڊيا ۽ حڪومت سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اسان گڏيل ڪوشش ڪنداسين ته پنهنجن ٻارن کي معذوري کان بچائي پاڪستان جو صحتمند مستقبل يقيني بڻائي سگهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پوليو جو خاتمو اسان جي قومي ذميواري آهي ۽ سنڌ حڪومت ان مقصد لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پوليو ڪنٽرول ۾ آهي پر وائرس اڃا موجود آهي ۽ ٿوري به لاپرواهي ڪاميابين کي پوئتي ڌڪي سگهي ٿي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته دنيا ۾ رڳو ٻه ملڪ (پاڪستان ۽ افغانستان) اهڙا آهن جتي هي بيماري موجود آهي ۽ ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو واحد طريقو ويڪسينيشن آهي. وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن شهري مرڪزن ۾ رهجي ويل ٻارن تائين پهچڻ لاءِ خاص مهم تيز ڪئي وڃي. هن پي اي او سي کي زيرو ڊوز ٻارن لا فالو اپ سرگرمين کي ترجيح ڏيڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن انهن جي مدافعتي قوت مضبوط ٿئي. ڊپٽي ڪمشنرن کي يونين ڪائونسل سطح تي فعال نگراني برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو ويو. هن ميڊيا هائوسز کي اپيل ڪئي ته هو خبرن جي شروعات ۾ پوليو بابت آگاهي پيغام جاري رکن ته جيئن ويڪسين جي گهرج برقرار رهي. گڏوگڏ مقامي يونين ڪائونسل نمائندن ۽ مذهبي عالمن کي به هدايت ڪئي وئي ته ويڪسينيشن بابت هچڪچاهٽ رکندڙ خاندانن جي رهنمائي ڪن. رپورٽ موجب صوبي ۾ 100 سيڪڙو انتظامي ڪوريج حاصل ڪئي وئي، گهر گهر ڪوريج 99 سيڪڙو ۽ ري ڪال ڪوريج 94 سيڪڙو رهي جڏهن ته لڳ ڀڳ 2 لک 37 هزار ٻار (2.6 سيڪڙو کان وڌيڪ) رهجي ويا. ڪراچي ڊويزن ۾ 101 سيڪڙو انتظامي ڪوريج، 97 سيڪڙو گهر گهر ڪوريج، 4.6 سيڪڙو ٻار رهجي ويا. حيدرآباد ڊويزن 99 سيڪڙو انتظامي ۽ گهر گهر ڪوريج، 2.4 سيڪڙو ٻار رهجي ويا. ميرپورخاص ڊويزن 101 سيڪڙو انتظامي، 100 سيڪڙو گهر گهر ڪوريج، 2 سيڪڙو ٻار رهجي ويا. لاڙڪاڻو ڊويزن 99 سيڪڙو انتظامي ۽ گهر گهر ڪوريج، 2.2 سيڪڙو ٻار رهجي ويا. سکر ڊويزن 99 سيڪڙو انتظامي ۽ گهر گهر ڪوريج، 2 سيڪڙو ٻار رهجي ويا ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزن 100 سيڪڙو انتظامي ۽ گهر گهر ڪوريج، صرف 1 سيڪڙو ٻار رهجي ويا. وڏي وزير چيو ته پوليو مهم جي ڪارڪردگي جو مسلسل جائزو ورتو ويندو ۽ ان حوالي سان ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. والدين کي اپيل ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته هو هر مهم دوران پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا جا ڦڙا ضرور پيارين ته جيئن کين سڄي عمر جي معذوري کان بچائي سگهجي. هن ٻيهر واضع ڪيو ته سنڌ حڪومت پوليو فري صوبو بڻائڻ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي.











