ٿرپارڪر-11 جنوري (اي پي پي) ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ آديگام ۾ اجتماعي خودڪشي جو واقعو پيش آيو آهي، ڳوٺ آديگام جو رهائشي 14 ورهين جو ڏيا رام ۽ 14 ورهين جي ونو ڪولهي ڳوٺ ويجهو وڻ تي لٽڪي مبينه اجتماعي خودڪشي ڪري ڇڏي. مبينه اجتماعي خودڪشي ڪندڙ ٻئي ڪولهي ڪميونٽي سان واسطو رکندڙ آهن، ٻنهي هڪ ئي رسي سان ڦاهو کائي مبينه خودڪشي ڪري ڇڏي، ڳوٺ وارن …
ٿرپارڪر ۾ مبينه اجتماعي خودڪشي جو واقعو

مزید خبریں
ٿرپارڪر-11 جنوري (اي پي پي) ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ آديگام ۾ اجتماعي خودڪشي جو واقعو پيش آيو آهي، ڳوٺ آديگام جو رهائشي 14 ورهين جو ڏيا رام ۽ 14 ورهين جي ونو ڪولهي ڳوٺ ويجهو وڻ تي لٽڪي مبينه اجتماعي خودڪشي ڪري ڇڏي. مبينه اجتماعي خودڪشي ڪندڙ ٻئي ڪولهي ڪميونٽي سان واسطو رکندڙ آهن، ٻنهي هڪ ئي رسي سان ڦاهو کائي مبينه خودڪشي ڪري ڇڏي، ڳوٺ وارن طرفان اطلاع ملڻ تي ننگرپارڪر پوليس پهچي لاشن کي قانوني ڪارروائي لاءِ تعلقه اسپتال ننگرپارڪر منتقل ڪيو، جتي قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پوليس، لاش وراثن جي حوالي ڪري ڇڏيا، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.











