ڪراچي-11 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ڊجيٽل پراپرٽي رجسٽريشن جو شروع ٿيڻ ملڪ کان ٻاھر ترسيل پاڪستانين لاءِ ھڪ انقلابي ۽ تاريخي قدم آھي، ھن نئين نظام سان اوورسيز پاڪستانين کي جائيداد جي خريد ۽ وڪري ۾ درپيش مشڪلاتن جو خاتمو ايندو ۽ اھي ملڪ کان ٻاھر پاڪستاني سفارتخانن ۽ مشنز ۾ آن …
ڊجيٽل پراپرٽي رجسٽريشن جو شروع ٿيڻ ملڪ کان ٻاھر ترسيل پاڪستانين لاءِ ھڪ انقلابي ۽ تاريخي قدم آھي: شرجيل انعام ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي-11 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ڊجيٽل پراپرٽي رجسٽريشن جو شروع ٿيڻ ملڪ کان ٻاھر ترسيل پاڪستانين لاءِ ھڪ انقلابي ۽ تاريخي قدم آھي، ھن نئين نظام سان اوورسيز پاڪستانين کي جائيداد جي خريد ۽ وڪري ۾ درپيش مشڪلاتن جو خاتمو ايندو ۽ اھي ملڪ کان ٻاھر پاڪستاني سفارتخانن ۽ مشنز ۾ آن لائن سيل ڊيل مڪمل ڪري سگھندا. ھڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ رجسٽريشن ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ کين رجسٽريشن آفيسن ۾ ذاتي حاضري کان ڇوٽ حاصل ھوندي، جڏھن ته نادرا سان لاڳاپيل اي رجسٽريشن نظام ذريعي بايو ميٽرڪ ۽ چھري جي تصديق به ممڪن بڻائي وئي آھي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت جي انھن ڪاوشن سان نه رڳو سمنڊ پار پاڪستانين جو اعتماد بحال ٿيندو پر پراپرٽي فراڊ جي روڪ ٿام ۾ به مدد ملندي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اي اسٽيمپنگ نظام کي سنڌ جي پنھنجي آءِ ٽي اداري سنڌ انفارميشن ٽيڪنالوجي ڪمپني جي حوالي سپرد ڪرڻ صوبي جي ڊجيٽل خودمختياري ڏانھن اھم اڳڀرائي آھي. پنجن سالن جو سروس معاھدو ست ملين روپيا ماھوار جڏھن ته ساليانو 10 سيڪڙو واڌ سان ٿيندو. سندس چوڻ ھو ته اي اسٽيمپنگ سان روينيو اوڳاڙي جو نظام بھتر ٿيندو ۽ شھرين کي موبائل ايپ پيپر ليس اسٽيمپ ڊيوٽي ۽ ٽو فيڪٽر تصديق جھڙيون جديد سھولتون فراھم ڪيون وينديون. ھن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي ۾ 4.8 ارب رُپين جي لاڳت سان جديد فروٽ اينڊ ويجيٽيبل مارڪيٽ جو قيام زرعي معيشت کي مضبوط ڪندو، ھن منصوبي ۾ ھارين ۽ واپارين کي بھترين سھولتن جي فراھمي لاءِ بائونڊري وال، جديد ڊرينيج سسٽم، انتظامي بلاڪ، طبي سھولتون، بينڪنگ سروسز ۽ گرين بيلٽ شامل ھوندا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪنزيومر ڪورٽس کي ٽريفڪ ڪورٽس ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو شھرين کي فوري انصاف جي فراھمي لاءِ ڪيو ويو آھي. ھن ٻڌايو ته 342 ارب رُپيا 635 ڪيسن ۾ بينڪ گارنٽيز جي صورت ۾ ڦاٿل ھُئا، جنھن جي ڪري ترقياتي سرگرميون متاثر ٿي رھيون ھيون، سنڌ ڪابينا سنڌ ڊولپمينٽ اينڊ مينٽيننس آف انفرااسٽرڪچر سيس جي تڪرار جي جامع حل جي منظوري ڏني آھي، اُن تحت تسليم ٿيل رھتن جو 15 سيڪڙو ٽن مرحلن ۾ ادا ڪيو ويندو، جڏھن ته باقي رقم 12 برابر ماھوار قسطن ۾ وصول ڪئي ويندي. ھن چيو ته ايڪسپورٽ فيسليٽيشن اسڪيم تحت ري ايڪسپورٽ تي مڪمل ڇوٽ ڏئي واپار کي ھٿي ڏني پئي وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي فيصلي تحت انڊس ڊيلٽا ۾ محفوظ تمر جي وڻن لاءِ ايراضي ۾ نمايان واڌ ڪئي پئي وڃي ۽ سجاول ضلعي جي 405002 ايڪڙ انٽر ٽائيڊل زمين کي تحفظ ھيٺ آيل ٻيلو قرار ڏنو ويو آھي جيڪو سامونڊي طوفان ۽ وڏين لھرن خلاف قدرتي ڍال ثابت ٿيندو. سندس چوڻ ھو ته عالمي معيار موجب 25 سيڪڙو جنگلاتي ايراضي ھجڻ گھرجي جڏھن ته سنڌ ۾ ھن وقت رڳو 10 سيڪڙو ايراضي محفوظ يا ريزروڊ فاريسٽ آھي، ھن فيصلي سان انڊس ڊيلٽا ۾ اڳواٽ محفوظ 266298 ھيڪٽرز ايراضي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.











