هلندڙ سال جون کان اڳ سنڌ يوٿ ڪارڊ متعارف ڪرايو ويندو: صوبائي وزير محمد بخش مهر

ڪراچي-11 جنوري (اي پي پي) راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايتن تي هلندڙ سال جون کان اڳ سنڌ يوٿ ڪارڊ متعارف ڪرائڻ جو پلان آهي. هن چيو ته يوٿ ڪارڊ ذريعي نوجوانن کي تعليم، هُنر، روزگار، ماهوار وظيفو، اسڪالرشپس ۽ اسپورٽس جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اھڙو اظهار هن گذريل ڏينهن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ …

ڪراچي-11 جنوري (اي پي پي) راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايتن تي هلندڙ سال جون کان اڳ سنڌ يوٿ ڪارڊ متعارف ڪرائڻ جو پلان آهي. هن چيو ته يوٿ ڪارڊ ذريعي نوجوانن کي تعليم، هُنر، روزگار، ماهوار وظيفو، اسڪالرشپس ۽ اسپورٽس جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اھڙو اظهار هن گذريل ڏينهن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ يوٿ ڪارڊ متعارف ڪرائڻ بابت هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ صوبي جي نوجوانن لاءِ يوٿ ڪارڊ جي تيارين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته يوٿ ڪارڊ لاءِ اهڙو طريقيڪار تيار ڪيو وڃي، جنهن سان صوبي جي نوجوان طبقي کي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿي سگهي. اجلاس ۾ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر، ڊائريڪٽر اسد اسحاق، چيف انجنيئر محمد اسلم مهر ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.