گھوٽڪي جي ڪچي ۾ نجات مهراڻ آپريشن جاري، ڏوھارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو: ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب

لاڙڪاڻو -10 فيبروري (اي پي پي) ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي سربراهي ۾ گھوٽڪي ضلعي جي ڪچي وارن علائقن راونتي ۾ نجات مهراڻ آپريشن وڏي ڪاميابي سان جاري آهي، اهو آپريشن ڪچي جي علائقن ۾ امن ۽ امان جي بحالي لاءِ ڪيو پيو وڃي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب چيو آهي ته نجات مهراڻ آپريشن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، ڏوھن ۾ ملوث عنصرن لاءِ …

لاڙڪاڻو -10 فيبروري (اي پي پي) ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي سربراهي ۾ گھوٽڪي ضلعي جي ڪچي وارن علائقن راونتي ۾ نجات مهراڻ آپريشن وڏي ڪاميابي سان جاري آهي، اهو آپريشن ڪچي جي علائقن ۾ امن ۽ امان جي بحالي لاءِ ڪيو پيو وڃي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب چيو آهي ته نجات مهراڻ آپريشن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، ڏوھن ۾ ملوث عنصرن لاءِ هاڻي وڌيڪ محفوظ پناهه گاهون ناهن رهيون. پوليس جي موثر حڪمت عملي ۽ جرئتمنداڻن قدمن سان ڪچي جي ڏوھي عنصرن جي خاتمي ۽ امن جي مڪمل بحالي تائين آپريشن جاري رهندو. هِن وڌيڪ چيو ته ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن کي ڊاهي سندن سهولتڪارن جو به خاتمو ڪيو پيو وڃي، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پهرين ترجيح آهي، ڏوھارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب سڀني ڏوھاري ماڻهن کي واضح پيغام ڏيندي چيو آهي ته اهي ڏوھن جي دنيا کي ڇڏي پاڻ کي قانون جي حوالي ڪن. ٻي صورت ۾ نجات مهراڻ آپريشن آخري حد تائين جاري رهندو.