ڪولمبو -10 فيبروري (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ آءِ سي سي مينز ٽي-20 ورلڊڪپ ۾ اربع تي 3 ميچ کيڏيا ويندا. پهريون ميچ گروپ ڊي جي ٽيمن ڏکڻ آفريقا ۽ افغانستان وچ ۾ نريندر مودي اسٽيڊيم، احمد آباد ۾ کيڏيو ويندو، ٻيو ميچ گروپ بي جي ٽيمن آسٽريليا ۽ آئرلينڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته ٽيون ميچ گروپ سي جي ٽيمن انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز ۾کيڏيو …
ڏهين آءِ سي سي مينز ٽي-20 ورلڊڪپ ۾ اربع تي 3 ميچ کيڏيا ويندا

مزید خبریں
ڪولمبو -10 فيبروري (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ آءِ سي سي مينز ٽي-20 ورلڊڪپ ۾ اربع تي 3 ميچ کيڏيا ويندا. پهريون ميچ گروپ ڊي جي ٽيمن ڏکڻ آفريقا ۽ افغانستان وچ ۾ نريندر مودي اسٽيڊيم، احمد آباد ۾ کيڏيو ويندو، ٻيو ميچ گروپ بي جي ٽيمن آسٽريليا ۽ آئرلينڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته ٽيون ميچ گروپ سي جي ٽيمن انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز ۾کيڏيو ويندو. ياد رهي ته ميگا ايونٽ ۾ 20 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهن، جڏهن ته ڀارت پنهنجي ٽائيٽل جو دفاع ڪندو. ميگا ايونٽ ۾ فائينل سميت 55 ميچ کيڏيا ويندا، ٽورنامينٽ جو فائينل ميچ 8 مارچ تي کيڏيو ويندو.











