سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاران مسجد خديجھ الڪبريٰ سانحي ۾ شھيد ٿيل عون عباس جي گھر پهچي پونئرن سان تعزيت جو اظھار

ڪراچي-09 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري مسجد خديجھ الڪبريٰ سانحي ۾ شھيد ٿيل عون عباس جي گھر ويو ۽ پونئرن سان ملاقات ڪري تعزيت جو اظھار ڪيو. گورنر ھائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب ان موقعي تي گورنر، شھيد جي درجن جي بلندي لاءِ خاص دعا به گھري. گورنر چيو ته شھيد عون عباس قومي ھيرو آھي، جنھن دھشتگرد جي سامھون ڍال بڻجي ڪيتريون …

ڪراچي-09 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري مسجد خديجھ الڪبريٰ سانحي ۾ شھيد ٿيل عون عباس جي گھر ويو ۽ پونئرن سان ملاقات ڪري تعزيت جو اظھار ڪيو. گورنر ھائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب ان موقعي تي گورنر، شھيد جي درجن جي بلندي لاءِ خاص دعا به گھري. گورنر چيو ته شھيد عون عباس قومي ھيرو آھي، جنھن دھشتگرد جي سامھون ڍال بڻجي ڪيتريون ئي جانيون بچايون. ھن اعلان ڪيو ته ھو وزيراعظم کي سفارش ڪندو ته شھيد عون عباس کي سول ايوارڊ سان نوازيو وڃي.