لاڙڪاڻو-09 فيبروري (اي پي پي) شهيد بينظير ڀٽو گرلز ڪيڊيٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ والدين جو ڏهاڙو ملهايو ويو. تقريب جي مھمان خاص ميجر جنرل جي او سي پنو عاقل شهريار قريشي هو. تقريب ۾ شاگردياڻين، والدين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان کان علاوه تقريب ۾ ايم اين اي نذير احمد ٻڱهيو، چيئرمين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري، پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري خير محمد شيخ سميت ٻين شرڪت ڪئي. تقريب …
شهيد بينظير ڀٽو گرلز ڪيڊيٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ والدين جو ڏهاڙو ملهايو ويو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-09 فيبروري (اي پي پي) شهيد بينظير ڀٽو گرلز ڪيڊيٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ والدين جو ڏهاڙو ملهايو ويو. تقريب جي مھمان خاص ميجر جنرل جي او سي پنو عاقل شهريار قريشي هو. تقريب ۾ شاگردياڻين، والدين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان کان علاوه تقريب ۾ ايم اين اي نذير احمد ٻڱهيو، چيئرمين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري، پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري خير محمد شيخ سميت ٻين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شاگردياڻين پريڊ، جمناسٽڪ، ڪراٽي سميت ٻين راندين جا دلڪش ڪرتب ڏيکاريا، جن کي ڏسي حاضرين تمام خوش ٿيا. ان موقعي تي گرلز ڪيڊيٽ ڪاليج جي پرنسپال آجياڻي واري تقريب ۾ ڪاليج جي مستقبل جي منصوبن ۽ ترقياني ڪمن بابت بريفنگ ڏني. هن سڀني مھمانن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اوھان جي تعاون سان ھي ڪاليج وڌيڪ ترقي ڪندو. ان کان پوءِ مختلف شعبن ۾ پنھنجي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردياڻين ۾ شيلڊ ۽ سرٽيفڪٽ ورهايا ويا.











