لاهور-08 فيبروري (اي پي پي) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين امين الاسلام آءِ سي سي جي اهم ۽ هنگامي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پهچي ويو آهي. ذريعن موجب اهو اجلاس عالمي ۽ علائقائي ڪرڪيٽ بابت اهم معاملن کي نظر ۾ رکندي گهرايو ويو آهي. امين الاسلام پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان به ملاقات ڪندو، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ڪرڪيٽ جي مستقبل سان سلهاڙيل …
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي پاڪستان آمد

مزید خبریں
لاهور-08 فيبروري (اي پي پي) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين امين الاسلام آءِ سي سي جي اهم ۽ هنگامي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پهچي ويو آهي. ذريعن موجب اهو اجلاس عالمي ۽ علائقائي ڪرڪيٽ بابت اهم معاملن کي نظر ۾ رکندي گهرايو ويو آهي. امين الاسلام پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان به ملاقات ڪندو، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ڪرڪيٽ جي مستقبل سان سلهاڙيل نقطا بحث هيٺ ايندا. جڏهن ته آءِ سي سي جي مرڪزي گڏجاڻي ۾ ٻنهي بورڊز جا سربراهه ورچوئل طور شرڪت ڪندا. ذريعن موجب ايشيئن ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ڄاڻايل اجلاس ۾ به خطي جي ٻين ڪرڪيٽ بورڊز جي نمائندن جي شرڪت جي اميد آهي. جنهن سان اهم فيصلن جي راهه هموار ٿي سگهي ٿي. آءِ سي سي اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ بي سي بي چيئرمين امين الاسلام شام جو ڍاڪا واپس روانو ٿي ويندو.











