ڪراچي-05 جنوري (اي پي پي)سنڌ اسيمبلي جي ميزباني ۾ جاري ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ۽ ٻي گڏيل سي پي اي ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجنل ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي. ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب جو خاص مهمان وڏو وزير مراد علي شاهه هو. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ڪراچي ڊڪليريشن جي منظوري ڏني وئي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ”ڪراچي ڊڪليريشن“ پڌرو …
سنڌ اسيمبلي جي ميزباني ۾ جاري ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ۽ ٻي گڏيل سي پي اي ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجنل ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي

مزید خبریں
ڪراچي-05 جنوري (اي پي پي)سنڌ اسيمبلي جي ميزباني ۾ جاري ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ۽ ٻي گڏيل سي پي اي ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجنل ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي. ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب جو خاص مهمان وڏو وزير مراد علي شاهه هو. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ڪراچي ڊڪليريشن جي منظوري ڏني وئي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ”ڪراچي ڊڪليريشن“ پڌرو ڪيو ۽ ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ”ڪراچي ڊڪليريشن“ جي منظوري ڏني وئي. ڊڪليريشن ۾ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ، عوامي اعتماد جي بحالي، شموليت تي ٻڌل پارليامينٽ، ذميواراڻي جدت ۽ پائيدار امن جي واڌاري بابت عزم کي ورجايو ويو. ڪراچي ڊڪلريشن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته جمهوري نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ جو اثرائتو ڪردار، آئين جي بالادستي ۽ انتظاميا جو احتساب انتهائي ضروري آهي. ڊڪليريشن ۾ پارلياماني نگراني جي نظام، خاص طور تي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽين کي مضبوط بڻائڻ، شفاف حڪمراني ۽ عوامي وسيلن جي ذميواراڻي استعمال جي حمايت ڪئي وئي آهي.ڊڪليريشن ۾ عورتن، نوجوانن، معذور ماڻهن، مذهبي اقليتن ۽ پٺتي پيل طبقن جي پارلياماني عمل ۾ اثرائتي شموليت کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ان مقصد لاءِ پارلياماني قاعدن ۽ ضابطن ۾ سڌارا، عوامي آگاهي، جمهوري تعليم ۽ صلاحيت وڌائڻ وارن پروگرامن کي هٿي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.ڪراچي ڊڪليريشن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ هٿرادو ذهانت (اي آءِ) جي وڌندڙ اثرن کي تسليم ڪندي ڊجيٽل گورننس، اوپن پارليامينٽ اپائن، غلط ڄاڻ، نفرت ڏياريندڙ مواد ۽ ڊجيٽل هراساني جي رنڊ روڪ تي زور ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اظهارِ جي آزادي جي تحفظ کي به اهم قرار ڏنو ويو آهي.پڌارئي ۾ امن، سماجي هم آهنگي، تڪرارن جي پرامن حل، موسمياتي تبديلي سان مقابلي ۽ موسمياتي لحاظ کان متاثر علائقن جي تحفظ ۾ پارليامينٽ جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ علائقائي پارلياماني سهڪار، پارلياماني سفارتڪاري ۽ گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي.ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته ڪراچي ڊڪليريشن جي سفارشن کي ميمبر ملڪن ۾ عملي قانون سازي ۽ ادارتي اپائن ذريعي لاڳو ڪيو ويندو، جيئن جمهوريت، امن ۽ عوامي اعتماد کي مضبوط بڻائي سگهجي. ڪانفرنس جي پڄاڻي وار تقريب کي خاص مهمان طور وڏي وزير مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته سي پي اي ايشيا جي اهم اجلاس جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. ڪراچي ۾ ٿيل هي ڪانفرنس وقار، نظم ۽ سنڌ جي روايتي مهمان نوازي سان ڪاميابي سان ٿي.وڏي وزير مهمانن کي ڪراچي آمد تي ڀليڪار چيو ۽ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ انتظامي ٽيم کي ڪانفرنس جي ڪاميابي تي واڌايون ڏنيون. هن چيو ته سي پي اي ايشيا ۽ سي پي اي سائوٿ ايسٽ ايشيا جي وفدن کي گڏ ڪرڻ سولو ڪم نه هو، جيڪو بهتر منصوبا بندي ۽ هم آهنگي سان ممڪن ٿيو.وڏي وزير چيو ته اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جي قيادت جو گڏ ويهڻ جمهوري اعتماد جو مضبوط پيغام آهي، ڇو ته جمهوريت اختلافن باوجود احترام سان گڏ ڪم ڪرڻ سان مضبوط ٿئي ٿي. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ بحث سنجيده ۽ عملي هئا، جن مان بروقت ۽ ڪارآمد تجويزون سامهون آيون.سيد مراد علي شاهه چيو ته اعتماد رڳو تقريرن سان نه پر شفافيت، جوابدهي، انصاف ۽ عوامي وسيلن جي ذميواراڻي استعمال سان قائم ٿيندو آهي، جنهن ۾ پارليامينٽ جو مرڪزي ڪردار آهي. هن شموليت تي زور ڏيندي چيو ته عورتن، نوجوانن، اقليتن ۽ معذور ماڻهن جي حقيقي نمائندگي مضبوط جمهوريت جي سڃاڻپ آهي.هن چيو ته جدت رڳو ٽيڪنالاجي تائين محدود ناهي، پر بهتر حڪمراني، شفاف ڊيٽا ۽ اثرائتي نگراني به جدت جو حصو آهن. وڏي وزير امن کي انصاف، برداشت ۽ اميد سان ڳنڍيندي چيو ته موجوده معاشي ۽ ماحولياتي چئلينجن ۾ امن قائم رکڻ قانون سازي جي ترجيح آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پارلياماني جمهوريت ۽ علائقائي پارلياماني سهڪار کي وڏي اهميت ڏئي ٿي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪراچي ڊڪليرشن کي رڳو دستاويز نه پر عملي واعدي طور لاڳو ڪيو ويندو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ پهريون ڀيرو عالمي پارليماني نمائندن جي ميزباني هڪ تاريخي اڳڀرائي آهي، جيڪو ادارتي اعتماد، شفافيت ۽ کليل دل جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته ماضي ۾ سي پي اي ايشيا ڪانفرنس ڪراچي ۾ رڳو هوٽل تائين محدود رهي، پر هن ڀيري اسيمبلي جي عمارت کي عالمي ڪانفرنس لاءِ کوليو ويو.اسپيڪر ٻڌايو ته ڪانفرنس لاءِ اسيمبلي جي آفيسرن، عملي ۽ ميمبرن ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ محدود وسيلن باوجود پراڻي ۽ نئين عمارت کي مڪمل طور تي فعال عالمي ڪانفرنس جي هنڌ ۾ تبديل ڪيو ويو. هن چيو ته هي هڪ ڏکيو پر فخر جوڳو سفر هو.هن شريڪ ٿيلن جي موجودگيءَ کي ڪانفرنس جي اصل ڪاميابي قرار ڏنو ۽ چيو ته نمائندن جي شرڪت، مشاورت ۽ تجويزن هن ميڙاڪي کي بامقصد ۽ اثرائتو بڻايو. سي پي اي جي سيڪريٽري جنرل اسٽيفن ٽوِگ چيو ته سنڌ اسيمبلي ۽ ميزبان ٽيم شاندار انداز ۾ ڪانفرنس ڪرائي مثالي ميزباني جو ثبوت ڏنو آهي، جنهن تي هو کين ڀيٽا پيش ڪري ٿو. هن چيو ته سالياني سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس تنظيم لاءِ هڪ اهم ۽ هاڪاري اڳڀرائي آهي، جڏهن ته ايندڙ سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس سريلنڪا ۾ ڪرائي ويندي. سندس موجب ”مستقبل جون پارليامينٽون: اعتماد، شموليت، جدت ۽ امن“ جهڙا موضوع اڄ جي دور جا انتهائي اهم موضوع آهن، جيڪي رڳو هن خطي لاءِ نه پر ڪامن ويلٿ لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا.هن ٻڌايو ته سي پي اي جو نئون اسٽريٽجڪ پلان هن مهيني لنڊن ۾ لانچ ڪيو ويندو، جيڪو 2030ع تائين پارليامينٽن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ فراهم ڪندو. هن چيو ته سي پي اي جا ٽي بنيادي مقصد پارليامينٽن کي مضبوط ڪرڻ، تربيت فراهم ڪرڻ ۽ گڏيل قدرن جي واڌ ويجهه آهن.سندس چوڻ هو ته صنفي برابري، معذور فردن، نوجوانن، ٽيڪنالاجي ۽ موسمياتي تبديلي تنظيم جون اهم ترجيحون آهن. هن نشاندهي ڪئي ته دنيا کي هن وقت جمهوريت، انساني حقن ۽ اعتماد بابت چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته موسمياتي تبديلي، تڪرار ۽ عدم استحڪام عالمي مسئلا بڻجي چڪا آهن.هن چيو ته ڪراچي ڊيڪليئريشن انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جو گڏيل سهڪار سي پي اي جي اصل طاقت آهي، جڏهن ته سي پي اي جا علائقائي فورم تنظيم جو روح ۽ بنيادي سگهه آهن. ڪانفرنس کي يادگار ۽ انتهائي ڪامياب قرار ڏيندي سريلنڪا جي نائب اسپيڪر چيو ته سنڌ اسيمبلي ۽ سي پي اي سنڌ برانچ ڪانفرنس جي شاندار ميزباني ڪري اعليٰ روايت قائم ڪئي آهي. سنڌ اسيمبلي ۽ سي پي اي سنڌ برانچ ڪانفرنس جي ميزباني مثالي انداز ۾ سرانجام ڏني، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي قيادت ساراهه جوڳي ۽ مثالي رهي.هن چيو ته ڪانفرنس جي منصوبا بندي کان وٺي مهمانن جي سهولتن تائين اسپيڪر جي ذاتي دلچسپي نمايان نظر آئي، جنهن سبب پارلياماني ميزباني جو هڪ نئون معيار قائم ٿيو آهي.سريلنڪا جي نائب اسپيڪر موجب ايندڙ سي پي اي ڪانفرنس ڪولمبو، سريلنڪا ۾ منعقد ڪئي ويندي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڪارڪردگي کي ڏسندي ڪولمبو ڪانفرنس هڪ وڏو چئلينج محسوس ٿي رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ اسيمبلي جي ٽيم اڻ ٿڪ محنت، ذميواري ۽ فخر سان پنهنجون ذميواريون نڀايون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪانفرنس کي وڌيڪ وقار بخشيو. هن چيو ته پاڪستان پارلياماني جمهوريت ۽ علائقائي سهڪار بابت پنهنجي عزم جو ٻيهر اظهار ڪيو آهي. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير طرفان ڏنل آجياڻو سنڌ جي ثقافت ۽ روايتي مهمان نوازي جو خوبصورت عڪس هو، جنهن ۾ مهمانن جي مان ۾ گرمجوشي ۽ ڀائيچاري جو ماحول رهيو. مالديپ جي نائب اسپيڪر ۽ ايشيا ريجن مان سي پي اي (ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن) جي بين الاقوامي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر احمد ناظم چيو ته هو ۽ سندس ٽيم سريلنڪا ۾ رٿيل ڪانفرنس لاءِ مڪمل طور تي موجود آهن ۽ هر ممڪن سهڪار لاءِ تيار آهن.هن چيو ته پنهنجي ٽيم کي ايندڙ ڪانفرنس جي تيارين لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته جيئن ڪانفرنس کي ڪامياب بڻائي سگهجي. ايندڙ اپريل مهيني ۾ مالديپ هن ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو، جڏهن ته موجوده ڪانفرنس هڪ اهڙو معيار قائم ڪيو آهي، جنهن تي ايندڙ ميزبانن کي عمل ڪرڻو پوندو. ملائيشيا جي رياستي اسيمبلي پيراڪ جي اسپيڪر داتو محمد ظاهر عبدالخالد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ملائيشيا مان آيل سڀني نمائندن جو تعارف ڪرايو. هن چيو ته سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس پارليامينٽن جي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي ۽ شموليت، اعتماد، جدت ۽ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پارليامينٽن جي ڪردار کي مضبوط بڻايو آهي.داتو محمد ظاهر عبدالخالد سنڌ حڪومت جي مهمان نوازي ۽ سهڪار تي ٿورا مڃيندي چيو ته ڪانفرنس جي شاندار انتظامن سبب نمائندن کي سازگار ۽ يادگار ماحول فراهم ڪيو ويو.هن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي قيادت ۽ سهڪار جي تعريف ڪندي چيو ته انهن جي سرپرستي سبب ڪانفرنس ڪاميابي سان مڪمل ٿي.سندس چوڻ موجب سي پي اي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ڪليلا جي رهنمائي ۽ حڪمت عملي به ساراهه جوڳي رهي.تقريب کي پنجاب جي ايم پي اي ذوالفقار علي شاهه، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي ۽ بلوچستان جي ايم پي اي فرح عظيم شاهه پڻ خطاب ڪيو.آخر ۾ وڏي وزير سي پي اي قيادت، وفدن، انتظاميا، ميڊيا ۽ مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ڪانفرنس جي پڄاڻي جو اعلان ڪيو. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي جي لان ۾ سنڌ جي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ سنڌ ثقافت بازار لڳائي وئي هئي جتي روايتي کاڌا، هٿ جا هنر ۽ ثقافتي شيون پيش ڪيون ويون.











