لاڙڪاڻو -06 فيبروري(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ ٻن ڦورُوئن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار ھٿ ڪري ورتا. علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد ۾ پُوليس پير شير روڊ تي پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ پستول سميت گرفتار ڪري ورتو. زخمي حالت ۾ گرفتار ڦورو جي سڃاڻپ عقيل جتوئي جي نالي سان ٿي آهي. زخمي ڦورو جو ڏوهاري رڪارڊ جانچڻ سميت وڌيڪ قانوني ۽ ضابطي جون ڪارروايون جاري آهن. …
لاڙڪاڻو پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ ٻه ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار ھٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو -06 فيبروري(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ ٻن ڦورُوئن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار ھٿ ڪري ورتا. علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد ۾ پُوليس پير شير روڊ تي پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ پستول سميت گرفتار ڪري ورتو. زخمي حالت ۾ گرفتار ڦورو جي سڃاڻپ عقيل جتوئي جي نالي سان ٿي آهي. زخمي ڦورو جو ڏوهاري رڪارڊ جانچڻ سميت وڌيڪ قانوني ۽ ضابطي جون ڪارروايون جاري آهن. مقابلي دوران فرار ٿيل 4 ڦورن جي ڳولا جاري آهي جڏهن ته ٻئي طرف ڪچي واري علائقي جي ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ۾ انڌو واھ واري علائقي ۾ پوليس مبينه مُقابلي کانپوءِ رتوديرو واسي ڦورو فرحان ولد ممتاز ويسر کي زخمي حالت ۾ پستول سميت گرفتار ڪري ورتو. شروعاتي معلومات مُوجب ڄاڻايل گرفتار ٿيل ڦُورو ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث ۽ روپوش آهي، زخمي ڦورو جو ضلعي ڪشمور، شهيد بينظير آباد (نوابشاه) ۽ لاڙڪاڻو سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 2016ع کان ڏوھي رڪارڊ موجود آهي، ھن وقت تائين حاصل ڪيل ڏوهاري رڪارڊ مُوجب ڄاڻايل ڦورو ٻه درجن کان وڌيڪ ڪيسن ۾ ملوث ۽ عادي ڏوھاري آهي ۽ ان کان اڳ به جيل وڃي چڪو آهي، زخمي ڦورو جي فرار ساٿين جي ڳولا لاءِ ڪچي جي ٿاڻي ڪيٽي ممتاز جي حدن ۾ سرچ آپريشن جاري آهي. جڏهن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌريءَ پوليس اهلڪارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا آهن.











