لاهور -06 فيبروري(اي پي پي) آءِ سي سي ٽي - ٽوئنٽي ڪرڪٽ ٽورنامينٽ جو ڏهون ايڊيشن ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ گڏيل طور تي ڇنڇر 7 فيبروري کان شروع ٿيندو جيڪو 8 مارچ تائين جاري رهندو. آءِ سي سي مينز ٽي -ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ گروپ اي جي ميچن سان ٽورنامينٽ جي شروعات ڪئي ويندي جڏهن ته ان ڏينهن ڪولمبو ۾ پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ آمهون سامهون ٿيندا جيڪو ورلڊ ڪپ جو …
آئي سي سي مينز ٽي- 20 ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ جي ميچ سان شروع ٿيندو

مزید خبریں
لاهور -06 فيبروري(اي پي پي) آءِ سي سي ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪٽ ٽورنامينٽ جو ڏهون ايڊيشن ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ گڏيل طور تي ڇنڇر 7 فيبروري کان شروع ٿيندو جيڪو 8 مارچ تائين جاري رهندو. آءِ سي سي مينز ٽي -ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ گروپ اي جي ميچن سان ٽورنامينٽ جي شروعات ڪئي ويندي جڏهن ته ان ڏينهن ڪولمبو ۾ پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ آمهون سامهون ٿيندا جيڪو ورلڊ ڪپ جو پهريون مقابلو هوندو. سال 2026 جي مينز ٽي -ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سموري دنيا جون 20 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن جنهن ۾ ٽيسٽ ميڇون کيڏندڙ سمورا 12 ملڪ به شامل آهن. زمبابوي ڪواليفائنگ مرحلو ڪاميابي سان پار ڪندي ٽورنامينٽ لاءِ ڪواليفائي ڪيو. اٽلي ان ايونٽ ۾ پهريون ڀيرو شرڪت ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڪينيڊا سال 2014 کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪنهن عالمي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺي رهيو آهي. بنگلاديش سيڪيورٽي خدشن ۽ ڀارت بدران سريلنڪا ۾ ميچون کيڏڻ جي اجازت نه ملڻ تي ٽورنامينٽ مان احتجاج طور هٿ کڻي ويو جنهن کان پوءِ اسڪاٽ لينڊ کي متبادل طور تي شامل ڪيو ويو. اسڪاٽ لينڊ ڪواليفائي نه ڪندڙ ٽيمن ۾ سڀ کان وڌيڪ رينڪ تي هيو. هن گروپ سي بنگلاديش جي جڳهه ورتي ۽ طئي شده شيڊول موجب پنهنجون ميچون کيڏندو. پاڪستان شروع ۾ ٽورنامينٽ جي مڪمل بائيڪاٽ تي غور ڪيو هيو جڏهن ته حڪومت پاڪستان جي ٽيم کي ايونٽ ۾ شرڪت جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي سواءِ 15 فيبروري تي ڀارت خلاف ميچ جي ان فيصلي جي اثرن جي حوالي آءِ سي سي پاران ڪو به قطعي اعلان ناهي ڪيو ويو. سال 2024ع ۾ معاهدي تحت پاڪستان پنهنجي ٽيم جون ميچون سريلنڪا ۾ کيڏندو ڇو ته ڀارت ۽ پاڪستان هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ ميچون ناهن کيڏيون. شروعاتي مرحلن ۾ 20 ٽيمن کي 4 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ ڀارت، نميبيا، نيڌرلينڊز، پاڪستان ۽ آمريڪا شامل آهن. گروپ بي ۾ آسٽريليا، آئرلينڊ، عمان، سريلنڪا ۽ زمبابوي کي رکيو ويو آهي. اهڙي طرح گروپ سي ۾ انگلينڊ، اٽلي، نيپال، اسڪاٽ لينڊ ۽ ويسٽ انڊيز شامل آهن. جڏهن ته گروپ ڊي ۾ افغانستان، ڪينيڊا، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريقا ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن.











