لاهور - 6 فيبروري (اي پي پي) آءِ سي سي مينز ٽي - ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ هيستائين 9 ايڊيشنز کيڏجي چڪا آهن، جن ۾ 6 مختلف ٽيمون چيمپئينشپ جو اعزاز حاصل ڪري چڪيون آهن. ان مختصر فارميٽ ۾ ڪيتريون ئي ٽيمون پنهنجي برتري حاصل ڪرڻ ۽ ڪرڪيٽ جي مداحن کي يادگار لمحا ڏنا آهن . سال 2007ع ۾ ٿيل افتتاحي ٽي - ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڀارت کٽيو. …
ٽي – ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي 9 ايڊيشنز ۾ پاڪستان سال 2009ع ۾ فاتح رهيو

مزید خبریں
لاهور – 6 فيبروري (اي پي پي) آءِ سي سي مينز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ هيستائين 9 ايڊيشنز کيڏجي چڪا آهن، جن ۾ 6 مختلف ٽيمون چيمپئينشپ جو اعزاز حاصل ڪري چڪيون آهن. ان مختصر فارميٽ ۾ ڪيتريون ئي ٽيمون پنهنجي برتري حاصل ڪرڻ ۽ ڪرڪيٽ جي مداحن کي يادگار لمحا ڏنا آهن . سال 2007ع ۾ ٿيل افتتاحي ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڀارت کٽيو. جڏهن ته سال 2009ع ۾ پاڪستان ٽائيٽل پنهنجي نالو ڪيو . اهڙي طرح2010ع ۾ انگلينڊ پهريون ڀيرو عالمي چيمپئين بڻيو. ويسٽ انڊيز 2012ع ۾ ٽرافي کٽي ۽ 2016ع ۾ ٻيو ڀيرو چيمپئين بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. سال 2014ع ۾ سريلنڪا ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽيو . ان کان پوءِ 2021ع ۾ آسٽريليا پهريون ڀيرو ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پنهنجي نالي ڪيو جڏهن ته 2022ع ۾ انگلينڊ ٻيو ڀيرو ٽائٽل حاصل ڪيو . اهڙي طرح 2024ع ۾ ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي چيمپئين بڻيو.











