لاهور - 6 فيبروري(اي پي پي) ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ 7 فيبروري تي شروع ٿيندڙ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2026ع جو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٽي -20 فارميٽ ۾ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن کي 20 - 20 اوورز کيڏڻا پوندا پر جيڪڏهن ٽيم پهريان آئوٽ ٿي ويندي يا ٻي ٽيم هدف وقت کان پهريان حاصل ڪري وٺي ته ميچ ختم ٿي سگهي ٿي. هر اننگز جي شروعات 6 اوورز …
آئي سي سي ٽي-20 ورلڊ ڪپ2026ع جي هر اننگ جي شروعات 6 اوورن جي پاور پلي سان ٿيندي، ميچ برابر رهڻ تي فيصلو سپر اوور ۾ ٿيندو

مزید خبریں
لاهور – 6 فيبروري(اي پي پي) ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ 7 فيبروري تي شروع ٿيندڙ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2026ع جو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٽي -20 فارميٽ ۾ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن کي 20 – 20 اوورز کيڏڻا پوندا پر جيڪڏهن ٽيم پهريان آئوٽ ٿي ويندي يا ٻي ٽيم هدف وقت کان پهريان حاصل ڪري وٺي ته ميچ ختم ٿي سگهي ٿي. هر اننگز جي شروعات 6 اوورز جي پاور پلي سان ٿيندي، جنهن دوران فيلڊنگ جا مخصوص ۽ مختلف قانون لاڳو ٿيندا. هر ميچ جو وقت اٽڪل 3 ڪلاڪ ۽ 10 منٽ هوندو. هڪ اننگز لاءِ هڪ ڪلاڪ 25 منٽ مقرر هوندو. جڏهن ته اننگز وچ ۾ 20 منٽن جو وقفو ڏنو ويندو. محدود اوورز جي ڪرڪيٽ ۾ اسٽاپ ڪلڪ قانون به لاڳو ٿيندو . جنهن تحت بالنگ ڪندڙ ٽيم کي گذريل اوور ختم ٿيڻ جي 60 سيڪنڊ اندر ٻيو اوور شروع ڪرڻو پوندو .اهڙي طرح ٽيم کي في اننگ ۾ ٻه رويوز جي اجازت هوندي. جيڪڏهن 20 اوورن بعد ٻنهي ٽيمن جو اسڪور برابر رهيو ته ميچ جو فيصلو سپر اوور ذريعي ڪيو ويندو، جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن ڱي 6-6 بال کيڏڻا پوندا ۽ وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ٽيم فاتح قرار ڏني ويندي . جيڪڏهن سپر اوور به برابر رهيو ته فاتح جي فيصلي تائين وڌيڪ سپر اوورز کيڏيا ويندا. گروپ مرحلن ۾ ڪنهن ميچ کي نتيجي جوڳو ڏيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنج اوورز في ٽيم کي کيڏڻا ضروري هوندا جڏهن ته سيمي فائنلز ۽ فائنل ۾ اها حد 10 اوورز في ٽيم لاءِ هوندي . جيڪڏهن موسم جي خرابي سبب ميچ ان مرحلي بعد روڪي ويندي ته نتيجو ڊاڪ ورٿ لوئس اسٽرن (ڊي ايل ايس) طريقڪار تحت ڪڍيو ويندو. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل اڃان تائين آئوٽ ميچن لاءِ ريزر وڊي ۽ اضافي وقت بابت پليئنگ ڪنڊيشنز جو باضابط اعلان ناهي ڪيو. جيڪڏهن پاڪستان سيمي فائنل ۾ پهچي ٿو ته پهريون سيمي فائنل ڪوڪلته بدران ڪولمبو جي آر پريماداسا اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته پاڪستان جي فائنل ۾ پهچڻ جي صورت ۾ فائنل به ڪولمبو منتقل ڪيو ويندو جيڪڏهن ڀارت آخري 4 ٽيمن ۾ جڳهه ٺاهي ٿو ۽ ان جو مقابلو پاڪستان کان علاوه ڪنهن ٻي ٽيم سان ٿئي ٿو ته هو ٻيو سيمي فائنل 5 مارچ تي ممبئي ۾ کيڏندو.











