ابوظهبي اوپن ٽينس ويمنز سنگلز ۾ ڪلاراٽاسن سيمي فائنل ۾ پهچي وئي

ابوظهبي-06 فيبروري (اي پي پي) ڊينمارڪ جي ٽينس اسٽار ڪلاراٽاسن ڊبليو ٽي اي ابو ظهبي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي ساندار ڪارڪردگي جي تسلسل کي برقرار رکندي عورتن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل رائونڊ ۾ پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊينمارڪ جي ٽينس اسٽار 23 سالن جي ڪلاراٽاسن ويمنز سنگلز جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ميچ ۾ آمريڪي مخالف رانديگر ميڪ ڪارٽني ڪيسلر کي شڪست ڏئي ٽاپ فور رائونڊ …

ابوظهبي-06 فيبروري (اي پي پي) ڊينمارڪ جي ٽينس اسٽار ڪلاراٽاسن ڊبليو ٽي اي ابو ظهبي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي ساندار ڪارڪردگي جي تسلسل کي برقرار رکندي عورتن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل رائونڊ ۾ پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊينمارڪ جي ٽينس اسٽار 23 سالن جي ڪلاراٽاسن ويمنز سنگلز جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ميچ ۾ آمريڪي مخالف رانديگر ميڪ ڪارٽني ڪيسلر کي شڪست ڏئي ٽاپ فور رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. ابو ظهبي ۾ جاري ڊبليو ٽي اي ايونٽ ۾ سنسني خيز مقابلا جاري آهن جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.