ايشين سنوڪر چيمپئن شپ، آصف ۽ عرفان جي آخري 16 تائين پهچ

دوحه-02 فيبروري (اي پي پي) ايشين سنوڪر چيمپئن شپ ۾ ليگ ميچن کانپوءِ پاڪستان جي محمد آصف ۽ رانا عرفان محمود سڌي ريت آخري 16 رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. پاڪستان بليئرڊز اينڊ سنوڪر ايسوسيئيشن جي اعزازي سيڪريٽري نويد ڪپاڊيه ٻڌايو ته ايشين سنوڪر چيمپئن شپ جي ٽئين ڏينهن رانا عرفان محمود، هڪ ڏينهن ۾ 2 ميچون کٽي لاسٽ 16 ۾ پهچ حاصل ڪري ورتي. هن گذريل ڏينهن پهرين ميچ …

دوحه-02 فيبروري (اي پي پي) ايشين سنوڪر چيمپئن شپ ۾ ليگ ميچن کانپوءِ پاڪستان جي محمد آصف ۽ رانا عرفان محمود سڌي ريت آخري 16 رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. پاڪستان بليئرڊز اينڊ سنوڪر ايسوسيئيشن جي اعزازي سيڪريٽري نويد ڪپاڊيه ٻڌايو ته ايشين سنوڪر چيمپئن شپ جي ٽئين ڏينهن رانا عرفان محمود، هڪ ڏينهن ۾ 2 ميچون کٽي لاسٽ 16 ۾ پهچ حاصل ڪري ورتي. هن گذريل ڏينهن پهرين ميچ ۾ يو اي اي جي محمد شهاب کي هڪ جي مقابلي ۾ چار فريمز تان شڪست ڏني. پاڪستان جي اڳوڻي عالمي چيمپئن محمد آصف هانگ ڪانگ جي ٽام يون فنگ کي هڪ ۽ چار تان هارائي لاسٽ 16 رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. قومي چيمپئن شپ جي رنرز اپ رانا عرفان محمود پنهنجي ٻئي ميچ ۾ ملائيشيا جي محمد وفي کي 4-0 تان آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو.