لاهور-01 فيبروري (اي پي پي) آسٽريليا خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۽ ستن سالن کان پوءِ سيريز ۾ ڪاميابي تي پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي به قومي ٽيم جي پرفارمنس جي تعريف ڪئي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي تي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر شاهد آفريدي ٽيم کي مبارڪون ڏنيون …
آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڪاميابي تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪن جو سلسلو جاري

مزید خبریں
لاهور-01 فيبروري (اي پي پي) آسٽريليا خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۽ ستن سالن کان پوءِ سيريز ۾ ڪاميابي تي پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي به قومي ٽيم جي پرفارمنس جي تعريف ڪئي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي تي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر شاهد آفريدي ٽيم کي مبارڪون ڏنيون ۽ ڪپتان سلمان علي آغا جي قيادت کي ساراهيو. شاهد آفريدي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ٽيم مجموعي طور تي بهترين راند پيش ڪئي. هن چيو ته سلمان علي آغا ڪپتان جي حيثيت ۾ ميدان ۾ اڳيان وڌي ٽيم جي قيادت ڪئي، سندس فارم ۽ هاڪاري نيت ٽيم لاءِ هڪ وڏي سٺي علامت آهي.











