بيجنگ-31 جنوري (اي پي پي) چين جيوچوان سيٽلائٽ لانچ سينٽر مان الجيريا جو هڪ ريموٽ سينسنگ سيٽلائٽ لانچ ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق لانگ مارچ-2 سي ڪيريئر راڪيٽ منجهند 12 لڳي هڪ منٽ (بيجنگ وقت) تي لانچ سينٽر مان اڏام ڀري ۽ سيٽلائٽ کي ڪاميابي سان مقرر ڪيل مدار ۾ پهچائي ڇڏيو. الجيريا جو اهو سيٽلائٽ بنيادي طور تي زمين جي منصوبه بندي ۽ قدرتي آفتن جي روڪٿام ۽ انهن …
چين الجيريا جو ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ لانچ ڪري ڇڏيو
بيجنگ-31 جنوري (اي پي پي) چين جيوچوان سيٽلائٽ لانچ سينٽر مان الجيريا جو هڪ ريموٽ سينسنگ سيٽلائٽ لانچ ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق لانگ مارچ-2 سي ڪيريئر راڪيٽ منجهند 12 لڳي هڪ منٽ (بيجنگ وقت) تي لانچ سينٽر مان اڏام ڀري ۽ سيٽلائٽ کي ڪاميابي سان مقرر ڪيل مدار ۾ پهچائي ڇڏيو. الجيريا جو اهو سيٽلائٽ بنيادي طور تي زمين جي منصوبه بندي ۽ قدرتي آفتن جي روڪٿام ۽ انهن جي اثرن ۾ گهٽتائي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اهو مشن چين جي لانگ مارچ راڪيٽ سلسلي جو 629 هون مشن هو.











