تهران-31 جنوري (اي پي پي) يورپي يونين جي ملڪن پاران ايراني پاسداران انقلاب کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ جي جواب ۾ ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي صلاحڪار علي شمخاني اعلان ڪيو آهي ته سندس ملڪ انهن يورپي ملڪن جي فوج کي به دهشتگرد قرار ڏيندو جن پاسداران تي پابنديون لڳايون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق علي شمخاني ”ايڪس“ تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته اولهه دهشتگردي جي …
پاسداران انقلاب تي پابندي لڳائيندڙ يورپي ملڪن جي فوج کي دهشتگرد قرار ڏينداسين: ايران
تهران-31 جنوري (اي پي پي) يورپي يونين جي ملڪن پاران ايراني پاسداران انقلاب کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ جي جواب ۾ ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي صلاحڪار علي شمخاني اعلان ڪيو آهي ته سندس ملڪ انهن يورپي ملڪن جي فوج کي به دهشتگرد قرار ڏيندو جن پاسداران تي پابنديون لڳايون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق علي شمخاني ”ايڪس“ تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته اولهه دهشتگردي جي تعريف ناهي ڪندو پر ان کي استعمال ڪندو آهي. غزه ۾ قاتلن جي مدد ڪرڻ، دهشتگردن کي پالڻ ۽ بدامني پيدا ڪرڻ کي سياست سمجهيو ويندو آهي جڏهن ته داعش خلاف پاسداران انقلاب جي جنگ دهشتگردي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اها درجه بندي ظاهر ڪري ٿي ته آمريڪا ۽ يورپ دهشتگردي جي تصور کي ڪهڙي طرح نقصان پهچايو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته تهران فوري طور تي جوابي قدم کڻندو.











