واشنگٽن -30 جنوري (اي پي پي)آمريڪا جي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ چيو آهي ته ايران سان سمورن آپشنز تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته ايران وٽ ايٽمي معاهدو ڪرڻ جو آپشن موجود آهي.سمورا آپشن ميز تي آهن ۽ اسان ان لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته آمريڪا جي دفاع واري وزارت ڊونلڊ ٽرمپ جي منظور ڪيل ڪنهن به فيصلي تي عمل لاءِ تيار آهي. آمريڪي …
ايران سان سمورن آپشنز تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون: آمريڪا
واشنگٽن -30 جنوري (اي پي پي)آمريڪا جي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ چيو آهي ته ايران سان سمورن آپشنز تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته ايران وٽ ايٽمي معاهدو ڪرڻ جو آپشن موجود آهي.سمورا آپشن ميز تي آهن ۽ اسان ان لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته آمريڪا جي دفاع واري وزارت ڊونلڊ ٽرمپ جي منظور ڪيل ڪنهن به فيصلي تي عمل لاءِ تيار آهي. آمريڪي سينٽ ڪام هلندڙ هفتي وچ اوڀر ۾ جهاز بردار سامونڊي جهاز ابراهم لنڪن جي اڳواڻي ۾ سامونڊي اسٽرائيڪ فورس جي مقرري جو اعلان ڪيو هو. ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته اهو فورس ضرورت پوڻ تي ايران تي حملو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.











