ايران جي حوالي سان آمريڪي صدر جي بيان تي فيصلائتو رد عمل ڏنو وڃي: ايران جي ميمبر جو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل کي خط

گڏيل قومون -29 جنوري(اي پي پي) گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل ميمبر امير سعيد گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل کي لکيل خط ۾ ايران جي حوالي سان آمريڪي صدر ڊولڊ ٽرمپ جي بيان تي فيصلائتو رد عمل ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني ميمبر آمريڪي صدر جي ان بيان کي گڏيل قومن جي چارٽر جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو آهي ۽ مطالبو …

گڏيل قومون -29 جنوري(اي پي پي) گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل ميمبر امير سعيد گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل کي لکيل خط ۾ ايران جي حوالي سان آمريڪي صدر ڊولڊ ٽرمپ جي بيان تي فيصلائتو رد عمل ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني ميمبر آمريڪي صدر جي ان بيان کي گڏيل قومن جي چارٽر جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ان بيان کي سختي سان رد ڪيو وڃي ۽ ان جي واضح مذمت ڪئي وڃي. امير سعيد پنهنجي خط ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي ريمارڪس کي غير ذميواراڻو ، اشتعال انگيز، عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادي اصولن جي واضح طور تي ابتڙ قرار ڏنو. هن چيو ته اهڙي طرح جي رويي سان علائقائي ڇڪتاڻ وڌندي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سڌيءَ ريت خطرو هوندو. هن چيو ته ڪنهن به هٿيار بند حملي يا جارحيت جي صورت ۾ ايران پنهنجي خودمختياري، علائقائي سلامتي۽ ماڻهن جي دفاع لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جو پنهنجو حق استعمال ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته ايران خلاف ڪنهن قسم جي ڪاروائي جي ڪنهن به امڪاني نتيجن جي مڪمل ۽ سڌي ريت ذميواري آمريڪا تي لاڳو هوندي.

مزید خبریں