لاھور - 29 جنوري (اي پي پي) لاھور پوليس پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ کيڏجندڙ ٽي-20 سيريز لاءِ سيڪيورٽي جا بهتر انتظام مڪمل ڪري ورتا آھن. ترجمان مطابق پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽي-20 سيريز جي سيڪيورٽي تي 09 ايس پيز، 25 ڊي ايس پيز ۽ 73 ايس ايڇ اوز مقرر ڪيا ويندا. جڏهن ته 351 اهلڪار، 188 ليڊي ڪانسٽيبلز سميت 6 ھزار کان وڌيڪ آفيسر ۽ جوان سيڪيورٽي ڊيوٽي …
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ کيڏجندڙ ٽي-20 سيريز جا فول پروف سيڪيورٽي انتظام مڪمل

مزید خبریں
لاھور – 29 جنوري (اي پي پي) لاھور پوليس پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ کيڏجندڙ ٽي-20 سيريز لاءِ سيڪيورٽي جا بهتر انتظام مڪمل ڪري ورتا آھن. ترجمان مطابق پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽي-20 سيريز جي سيڪيورٽي تي 09 ايس پيز، 25 ڊي ايس پيز ۽ 73 ايس ايڇ اوز مقرر ڪيا ويندا. جڏهن ته 351 اهلڪار، 188 ليڊي ڪانسٽيبلز سميت 6 ھزار کان وڌيڪ آفيسر ۽ جوان سيڪيورٽي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا، جڏھن ته 1 ھزار کان وڌيڪ ٽريفڪ وارڊنز به فرض سرانجام ڏيندا. لاھور جي سي سي پي چيو ته سيريز دوران سڄي شھر جي سيڪيورٽي ھاءِ الرٽ رھندي.ٽي 20 ميچن دوران ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ اثرائتن قدمن جون ھدايتون جاري ڪيون وين آهن. هن ٻڌايو ته سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سيف سٽي اٿارٽي ۽ ٻين ڪنٽرول رومز ذريعي پڻ نگراني ڪئي ويندي. ميچن دوران ڊولفن فورس، پيرو ۽ ايليٽ فورس جون ٽيمون اثرائتي پيٽرولنگ کي يقيني بڻائينديون. جڏهن ته سينئر پوليس آفيسر فليڊ ۾ موجود رھن ۽ حالتن تي مسلسل نظر رکندا.











