تهران - 29 جنوري(اي پي پي) ايران جي سپريم ليڊر علي خامنه اي جي مشير علي شمخاني چيو آهي ته ڪنهن به ذريعي ۽ ڪنهن به سطح تي ڪنهن به آمريڪي حملي جو فوري جواب ڏنو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته محدود حملو هڪ وهم آهي ۽ اها هڪ مڪمل جنگ جي شروعات هوندي. هن چيو ته رد عمل فوري ،جامع ۽ غير معمولي هوندو. ان حملي ۾ …
ڪنهن به آمريڪي حملي جو جواب فوري ۽ غير معمولي هوندو: ايران جي سپريم ليڊر جو مشير

مزید خبریں
تهران – 29 جنوري(اي پي پي) ايران جي سپريم ليڊر علي خامنه اي جي مشير علي شمخاني چيو آهي ته ڪنهن به ذريعي ۽ ڪنهن به سطح تي ڪنهن به آمريڪي حملي جو فوري جواب ڏنو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته محدود حملو هڪ وهم آهي ۽ اها هڪ مڪمل جنگ جي شروعات هوندي. هن چيو ته رد عمل فوري ،جامع ۽ غير معمولي هوندو. ان حملي ۾ آمريڪا، تل ابيب جا مرڪز ۽ سندن حامين کي نشانو بڻايو ويندو.










