بيجنگ-29 جنوري (اي پي پي) چين اتر ميانمار جي ٽيلي ڪام فراڊ ڪندڙ گروپن جي 11 ڏوهارين کي ڦاهي ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اتر ميانمار ۾ رهندڙ گروپس جي 11 ڏوهارين کي گذريل ڏينهن ڦاهي ڏني وئي جن ۾ ٽيلي ڪام گروپس جا اهم ڪارڪن به شامل آهن. انهن ماڻهن کي 11 سيپٽمبر 2025ع تي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. ڦاهي جي سزا اوڀر چين جي صوبي …
چين اتر ميانمار جي ٽيلي ڪام فراڊ ڪندڙ گروپن جي 11 ڏوهارين کي ڦاهي ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
بيجنگ-29 جنوري (اي پي پي) چين اتر ميانمار جي ٽيلي ڪام فراڊ ڪندڙ گروپن جي 11 ڏوهارين کي ڦاهي ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اتر ميانمار ۾ رهندڙ گروپس جي 11 ڏوهارين کي گذريل ڏينهن ڦاهي ڏني وئي جن ۾ ٽيلي ڪام گروپس جا اهم ڪارڪن به شامل آهن. انهن ماڻهن کي 11 سيپٽمبر 2025ع تي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. ڦاهي جي سزا اوڀر چين جي صوبي زي جيانگ جي شهر وينزو جي هڪ عدالت سپريم پيپلز ڪورٽ جي منظوري کانپوءِ ڏني هئي.










