دبئي - 28 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ”ڊي پي ورلڊ“ جي گروپ چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان احمد بن سليم سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران پاڪستان ۽ ڊي پي ورلڊ جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون جو جائزو ورتو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته تازا بين الحڪومتي معاهدا ٻنهي طرفن جي مضبوط عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ …
صدر آصف علي زرداري سان ”ڊي پي ورلڊ“ جي گروپ چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان احمد بن سليم جي ملاقات

مزید خبریں
دبئي – 28 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ”ڊي پي ورلڊ“ جي گروپ چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان احمد بن سليم سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران پاڪستان ۽ ڊي پي ورلڊ جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون جو جائزو ورتو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته تازا بين الحڪومتي معاهدا ٻنهي طرفن جي مضبوط عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان سان ڊي پي ورلڊ جي مضبوط ۽ پائيدار حصيداري ۽ ملڪ جي لاجسٽڪس، بندرگاهن جي آپريشنز ۽ انفراسٽرڪچر ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. صدر چيو ته اهي قدم پاڪستان جي ان هدف جي عين موجب آهن جنهن تحت ملڪ کي بهتر رابطن ۽ جديد لاجسٽڪس انفراسٽرڪچر جي ذريعي علائقائي واپار ۽ ٽرانزٽ جي مرڪز جي طور تي مڃرائڻو آهي. سلطان احمد بن سليم عالمي غيريقيني صورتحال جي هن دور ۾ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اهميت تي روشني وڌي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سامونڊي رستن تي وڌندڙ دٻاءُ جي ڏس ۾ پاڪستان هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته چين ۽ وچ ايشيا سان پاڪستان جو سڌوسنئون رابطو، عرب سمنڊ تائين پهچ ۽ رستن ۽ ريلوي جي نيٽ ورڪ جي ذريعي زميني رابطو ان کي علائقائي واپار ۽ عالمي رابطاڪاري جي اسٽريٽجڪ مرڪز ۾ آڻي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سمنڊ ۽ زمين جي ذريعي دنيا جي اهم حصن کي ڳنڍيندڙ هڪ قدرتي مرڪز آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته گڏيل عرب امارات ڏهاڪن تي ٻڌل قابل اعتماد ۽ پراڻي لاڳاپن جي بنياد تي پاڪستان سان ويجهو تعاون جاري رکندو. صدر آصف علي زرداري پارٽنر ادارن کي اداراجاتي سهولتن ۽ تيز رفتار منظورين جي فراهمي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ريل فريٽ جي جديد ڪاري، ان لينڊ لاجسٽڪس ۽ ٺوس فريٽ ڪوريڊورز ۾ ڊگهي مدي واري تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات دوران گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير پڻ موجود هو.











