وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ملاقات

اسلام آباد - 28 جنوري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، خيبرپختونخواهه ۾ امن امان، گڊ گورننس ۽ صوبي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڳالهه ٻولهه ڪندي …

اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، خيبرپختونخواهه ۾ امن امان، گڊ گورننس ۽ صوبي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان جو سينيٽ جنهن ۾ سمورن صوبن کي هڪ جهڙي نمائندگي حاصل آهي ملڪ جي سمورن صوبن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سينيٽ ۾ پاڪستان جي سمورن صوبن سان تعلق رکندڙ پارليامينٽرين پنهنجي پنهنجي علائقن جو موثر آواز آهن ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور انداز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سمورن صوبن جي ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بهتر ۽ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي. وقتي صدر دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ خيبرپختونخواهه جي عوام جي بي مثال بهادري، قربانين ۽ حوصلي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته صوبي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ئي ترقي ۽ خوشحالي جو بنياد آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه خاص طور تي ضم ٿيل ضلعن جي عوام امن قائم ڪرڻ جي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن جن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. سيد يوسف رضا گيلاني ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام، بشمول ضم ٿيل ضلعن جي ترقي، خوشحالي ۽ ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح ۽ مشن اهي ۽ ان مقصد جي لاءِ سمورا ممڪن وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ، گڊ گورننس جي فروغ ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ جاري قدمن کان وقتي صدر کي آگاهه ڪيو ۽ مرڪز ۽ صوبي جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں