سڄي دنيا ۾ ڊسمبر جي مهيني ۾ توانائي جي قيمتن ۾ مجموعي طور 1.3 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي: عالمي بئنڪ

اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ڊسمبر جي مهيني ۾ توانائي جي قيمتن ۾ مجموعي طور 1.3 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پينڪ شيٽ رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ توانائي جي قيمتن ۾ 1.3 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي جنهن جو وڏو سبب يورپ ۾ قدرتي گيس جي قيمتن …

اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ڊسمبر جي مهيني ۾ توانائي جي قيمتن ۾ مجموعي طور 1.3 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پينڪ شيٽ رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ توانائي جي قيمتن ۾ 1.3 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي جنهن جو وڏو سبب يورپ ۾ قدرتي گيس جي قيمتن ۾ 9 سيڪڙو ۽ آسٽريليا ۾ ڪوئلي جي قيمتن ۾ 4.4 سيڪڙو جي گهٽتائي آهي جڏهن ته ان مجموعي گهٽتائيءَ کي جزوي طور آمريڪا ۾ قدرتي گيس جي قيمتن ۾ 12.1 سيڪڙو واڌ متوازن ڪيو. رپورٽ موجب توانائي جي شعبي جي ابتڙ نان انرجي پرائيس انڊيڪس ۾ 1.3 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو. زرعي قيمتن جو مجموعي اهڃاڻ ڊسمبر ۾ 0.4 سيڪڙو گهٽ ٿيو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته خوراڪ جون قيمتون تقريبن مستحڪم رهيون ۽ انهن ۾ 0.5 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته شربتن جي قيمتن م 3.8 سيڪڙو نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ان دوران ڪچي مال جي قيمتن ۾ تقريبن هڪ سيڪڙو واڌ ۽ ڀاڻ جي قيمت ۾ 5.5 سيڪڙو گهٽتائي رپورٽ ڪئي وئي. رپورٽ موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ڌاتن جي قيمتن ۾ 5.7 سيڪڙو اضافو ٿيو. ٽن جي قيمتن ۾ 11.5 ۽ ٽامي جي قيمتن ۾ 9 سيڪڙو واڌارو ٿيو.

مزید خبریں