لاھور - 28 جنوري (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ جي 11 ھين سيزن لاءِ ملتان سلطانز جي رانديگرن کي برقرار رکڻ (ريٽينشن) تي اھم فيصلا ڪري ورتا آھن. پي سي بي مطابق ملتان سلطانز جي اسڪواڊ مان رانديگرن کي برقرار رکڻ لاءِ ھڪ آزاد پينل جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آھي، جيڪو فرنچائيز ۾ شامل رانديگرن جو غيرجانبداراڻو جائزو وٺندو. ذريعن مطابق اھو آزاد پينل …
پي سي بي پاران پي ايس ايل لاءِ رانديگرن کي برقرار رکڻ (ريٽينشن) تي اھم فيصلا

مزید خبریں
لاھور – 28 جنوري (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ جي 11 ھين سيزن لاءِ ملتان سلطانز جي رانديگرن کي برقرار رکڻ (ريٽينشن) تي اھم فيصلا ڪري ورتا آھن. پي سي بي مطابق ملتان سلطانز جي اسڪواڊ مان رانديگرن کي برقرار رکڻ لاءِ ھڪ آزاد پينل جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آھي، جيڪو فرنچائيز ۾ شامل رانديگرن جو غيرجانبداراڻو جائزو وٺندو. ذريعن مطابق اھو آزاد پينل پليئرز آڪشن کان اڳ ملتان سلطانز جي موجوده اسڪواڊ مان 4 رانديگرن جي چونڊ ڪندو، جن کي برقرار رکيو ويندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پليئرز آڪشن کان اڳ ملتان سلطانز فرنچائيز جي حقن جي نيلامي به ڪندي، جنھن کانپوءِ ٽيم جوڙڻ ۽ ٻيا معاملا نئين انتظاميا ۽ انھن جي ٽيم انجام ڏيندي، جڏھن ته ريٽين ڪيل رانديگرن جو فيصلو ان کان اڳ آزاد پينل ذريعي مڪمل ڪيو ويندو. واضح رھي ته ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ جو 11 ھون ايڊيشن 26 مارچ کان شروع ٿيندو، جڏھن ته ان سيزن لاءِ رانديگرن جا آڪشن 11 فيبروري تي ٿيندا.











