پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پھرين ٽي-20 ميچ اڄ قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي

لاھور - 28 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل ٽي-20 سيريز جي پھرين ميچ اڄ 29 جنوري تي لاھور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي جنهن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن. ٻنھي ٽيمن کي فول پروف سيڪيورٽي فراھم ڪئي ويندي. ميچ جو ٽاس منجھند جو 3:30 وڳي ڪيو ويندو جڏهن ته ميچ 4 وڳي شروع ٿيندو. سيريز جي …

لاھور – 28 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل ٽي-20 سيريز جي پھرين ميچ اڄ 29 جنوري تي لاھور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي جنهن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن. ٻنھي ٽيمن کي فول پروف سيڪيورٽي فراھم ڪئي ويندي. ميچ جو ٽاس منجھند جو 3:30 وڳي ڪيو ويندو جڏهن ته ميچ 4 وڳي شروع ٿيندو. سيريز جي ٻي ٽي-20 ميچ 31 جنوري ۽ ٽئين ۽ آخري ميچ پھرين فيبروري تي لاھور ۾ کيڏي ويندي. ھر ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس جو انتظام ڪيو ويندو ته جئين مداح ۽ ميڊيا جي نمائندن کي ٽيمن جي راءِ کان آگاھه ڪري سگھجي.

مزید خبریں