پاڪستان سپر ليگ لاءِ رانديگرن جي ڪيٽگريز جو اعلان

لاهور-28  جنوري (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ جي 11 هين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي ڪيٽگريز جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي سي بي جي ترجمان موجب هن ڀيري گڏيل طور تي 89 مقامي  رانديگرن کي  5 مختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهايو آهي. پلاٽينيم ڪيٽگريز ۾ 16 رانديگر شامل آهن، جن ۾ بابر اعظم، شاهين شاه آفريدي، محمد رضوان، فخر زمان، صائم ايوب، نسيم شاه، حارث رئوف ۽ شاداب خان جي موجودگي برقرار آهي. …

لاهور-28  جنوري (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ جي 11 هين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي ڪيٽگريز جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي سي بي جي ترجمان موجب هن ڀيري گڏيل طور تي 89 مقامي  رانديگرن کي  5 مختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهايو آهي. پلاٽينيم ڪيٽگريز ۾ 16 رانديگر شامل آهن، جن ۾ بابر اعظم، شاهين شاه آفريدي، محمد رضوان، فخر زمان، صائم ايوب، نسيم شاه، حارث رئوف ۽ شاداب خان جي موجودگي برقرار آهي. جڏهن ته سلمان علي آغا، حسن علي، محمد نواز ۽ ابرار احمد کي ڊائمنڊ مان پلاٽينيم ڪيٽيگري ۾ ترقي ڏني وئي آهي. صاحبزاده فرحان گولڊ مان پلاٽينيم ڪيٽيگري ۾ پهچي ويو آهي. ڊائمنڊ ڪيٽگري ۾ 11 رانديگر شامل آهن. جن ۾ محمد وسيم (جونيئر)، صفيان مقيم  ۽ سلمان مرزا کي گولڊ مان ڊائمنڊ ۾ ترقي ڏني وئي آهي. گولڊ ڪيٽگري ۾ مجموعي طور تي 32 رانديگر شامل آهن جڏهن ته سلور ۽ ايمرجنگ ڪيٽيگري ۾ 30 رانديگر کيڏندا. هر فرنچائيز آڪشن مان پهرين پنهنجي ٽيم ۾ ڪل 4 رانديگر ۽ في ڪيٽيگري ۾ هڪ رانديگر  برقرار رکي سگهندي. پي ايس ايل جو پهريون ۽ تاريخي پليئرز آڪشن 11 فيبروري تي منعقد ٿيندو، پرڏيهي رانديگرن جي رجسٽريشن تاريخ کي پڻ 3 فيبروري تائين وڌايو ويو آهي.

مزید خبریں