واشنگٽن - 28 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ شديد برفاني طوفان سبب فوتگين جو انگ وڌي 42 ٿي ويو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق آمريڪا ۾ آيل شديد برفاني طوفان سبب 42 ماڻھو فوت ٿي ويا آھن.گڏيل طور تي فوت ٿي ويلن جو تعلق نيويارڪ، آرڪنساس، لوزيانا، ميساچوسٽس، مسي سپي، نيوجرسي، اوھائيو، پنسلوانيا، ٽيڪساس ۽ ڏکڻ ڪيرولائنا جا سان آهي. خراب موسم سبب اٽڪل 20 ڪروڙ آمريڪي متاثر ٿيا، جڏھن …
آمريڪا ۾ شديد برفاني طوفان سبب فوتگين جو انگ وڌي 42 ٿي ويو

مزید خبریں
واشنگٽن – 28 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ شديد برفاني طوفان سبب فوتگين جو انگ وڌي 42 ٿي ويو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق آمريڪا ۾ آيل شديد برفاني طوفان سبب 42 ماڻھو فوت ٿي ويا آھن.گڏيل طور تي فوت ٿي ويلن جو تعلق نيويارڪ، آرڪنساس، لوزيانا، ميساچوسٽس، مسي سپي، نيوجرسي، اوھائيو، پنسلوانيا، ٽيڪساس ۽ ڏکڻ ڪيرولائنا جا سان آهي. خراب موسم سبب اٽڪل 20 ڪروڙ آمريڪي متاثر ٿيا، جڏھن ته ڪجھه علائقن ۾ اٽڪل 40 سينٽي ميٽر تائين برفباري رڪارڊ ڪئي وئي آھي. اٽڪل 20 ھزار اڏامون ملتوي ٿيون. پاور آٽيج پورٽل مطابق 4 لک 48 ھزار کان وڌيڪ صارفين ھن وقت تائين بجلي کان محروم آھن.آمريڪا جي موسميات کاتي مطابق شديد ٿڌ يبب متاثر ٿيل ڪجھه علائقن ۾ ڪيترن ئي ڏھاڪن کانپوءِ ايتري وڏي پيماني تي برفباري رڪارڊ ڪئي وئي آهي.










