رياض - 28 جنوري(اي پي پي)ايران چيو آهي ته هو عالمي قانون اندر رهندي جنگ روڪڻ جي هر عمل جي آجيان ڪري ٿو، اسلامي ملڪن جو اتحاد خطي ۾ جٽادار سلامتي، استحڪام ۽ امن جو ضامن آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق انهن خيالن جو اظهار ايران جي صدر مسعود پيزشڪيان سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ٽيليفونڪ ڳالهين دوران ڪيو. هن چيو ته تهران عالمي …
عالمي قانون ۾ رهندي جنگ روڪڻ جو هر عمل سٺو سنئوڻ آهي: ايران

مزید خبریں
رياض – 28 جنوري(اي پي پي)ايران چيو آهي ته هو عالمي قانون اندر رهندي جنگ روڪڻ جي هر عمل جي آجيان ڪري ٿو، اسلامي ملڪن جو اتحاد خطي ۾ جٽادار سلامتي، استحڪام ۽ امن جو ضامن آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق انهن خيالن جو اظهار ايران جي صدر مسعود پيزشڪيان سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ٽيليفونڪ ڳالهين دوران ڪيو. هن چيو ته تهران عالمي قانون جي دائريڪار ۾ رهندي جنگ کي روڪڻ واري هر عمل جي هميشه آجيان ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته اسلامي ملڪ جيڪڏهن اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪن ته خطي ۾ ديرپا سلامتي ، استحڪام ۽ امن جو قيام ممڪن آهي.سندس چوڻ هو ته اسلامي جهموريه ايران خلاف آمريڪي ڌمڪيون صرف عدم استحڪام جو سبب بڻجنديون. انهن ڌمڪين ۽ نفسياتي ڪارروائين سان خطي جو امن ۽ امان متاثر ڪرڻ ۽ عدم استحڪام کانسواءَ ڪجهه نه ملندو. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ايران جي خودمختياري جو احترام ڪرڻ جو ورجاءُ ڪندي چيو ته مملڪت پنهنجون فضائي حدون يا زمين ايران خلاف ڪنهن به فوجي ڪاروائي لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. هن تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش لاءِ مملڪت جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن سان خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام ۾ اضافو ٿئي. صدر مسعود پيزشڪيان ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي احترام جي حوالي سان مملڪت جي موقف ۽ خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام لاءِ ولي عهد جي ڪوششن کي ساراهيو.










