واشنگٽن - 28 جنوري(اي پي پي) آمريڪا وچ اوڀر ۾ وڏي پيماني تي ڪيترن ڏينهن واريون فوجي مشقون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اهي مشقون صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان خطي ۾ اضافي سامونڊي اثاثن جي مقرري جي اعلان ۽ ايران سان ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي ڪيون پيون وڃن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق يو ايس ايئر فورس سينٽرل (اي ايف سي اي اين ٽي) طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي …
آمريڪا پاران وچ اوڀر ۾ وڏي پيماني تي ڪيترن ئي ڏينهن جون فوجي مشقون شروع

مزید خبریں
واشنگٽن – 28 جنوري(اي پي پي) آمريڪا وچ اوڀر ۾ وڏي پيماني تي ڪيترن ڏينهن واريون فوجي مشقون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اهي مشقون صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان خطي ۾ اضافي سامونڊي اثاثن جي مقرري جي اعلان ۽ ايران سان ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي ڪيون پيون وڃن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق يو ايس ايئر فورس سينٽرل (اي ايف سي اي اين ٽي) طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته جنگي تيارين جي مشقن کي ويڙهاڪ جهازن جي تيز رفتار مقرري ۽ ڪاروائي جي اهليت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي. مبينه طور تي ان آپريشن جو مقصد اهلڪارن ۽ جيٽ جهازن کي مختلف هنگامي هنڌن تي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي طريقڪار جي توثيق ڪرڻ ۽ ڪمانڊ کي نامعلوم اتحادي ملڪن سان مربوط ڪرڻ آهي. اي ايف سي اي اين ٽي جي ڪمانڊر ليفٽينٽ جنرل چيو آهي ته انهن مشقن جو مقصد جنگي تيارين کي برقرار رکڻ آهي ته جيئن جڏهن ۽ جتي به ضرورت پوي ته فضائي طاقت جي دستابي کي نظم و ضبط سان استعمال ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. اهي فضائي مشقون آمريڪي بحريه جي خطي ۾ هڪ وڏي اجتماع جي تڪميل جي علامت آهن. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سي اي اين ٽي سي او ايم) تصديق ڪئي آهي ته گائيڊيڊ ميزائل ڊسٽرائررز سان ليس ايٽمي طاقت سان هلندڙ جهاز بردار بحري جهاز ايو ايس ابراهم لنڪن هلندڙ هفتي جي شروع ۾ ئي خطي ۾ پهچي چڪو آهي. ان کان علاوه آمريڪا اضافي ايف – 15 اي اسٽرائيڪ ايگل ويڙهاڪ جهاز، پيٽرياٽ ميزائل بيٽريون ۽ ٽي ايڇ اي اي ڊي فضائي دفاعي نظام مرڪزي اوڀر ۾ منتقل ڪري ڇڏيا آهن.










