واشگٽن - 28 جنوري(اي پي پي)روس چيو آهي ته آمريڪي رياست ڪيلي فورنيا ۾ روس جي 2 عورتن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي جيڪي مبينه طور تي هڪ فوجي اڏي جي حد ۾ داخل ٿي ويون هيون.پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه واشنگٽن ۾ قائم روس جي سفارتخاني هڪ بيان ۾ چئي آهي.سفارتخاني جو چوڻ آهي ته روس جون ٻئي عورتون آمريڪي اميگريشن ۽ ڪسٽمز سروس جي حراست ۾ …
آمريڪا ۾ روس جون 2 عورتون اميگريشن اختيارين جي حراست هيٺ، ڏيهه واپس موٽڻ جا امڪان

مزید خبریں
واشگٽن – 28 جنوري(اي پي پي)روس چيو آهي ته آمريڪي رياست ڪيلي فورنيا ۾ روس جي 2 عورتن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي جيڪي مبينه طور تي هڪ فوجي اڏي جي حد ۾ داخل ٿي ويون هيون.پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه واشنگٽن ۾ قائم روس جي سفارتخاني هڪ بيان ۾ چئي آهي.سفارتخاني جو چوڻ آهي ته روس جون ٻئي عورتون آمريڪي اميگريشن ۽ ڪسٽمز سروس جي حراست ۾ آهن. انهن تي الزام آهي ته هو هڪ فوجي اڏي جي حدن ۾ داخل ٿي ويون هيون. کين هاڻي سندن واپسي لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن . اختيارين جو چوڻ آهي ته عورتون فلحال ڊيپورٽيشن سينٽر ۾ رکيون ويون آهن ۽ ڏيهه واپسي جون منتظر آهن. روس جا سفارتڪار آمريڪي اميگريشن اختيارين سان رابطي ۾ آهن ته جيئن واقعي جا تفصيل واضع ڪيا وڃن.










