ڀارت جي گوا ۾ ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي تي غور

نئين دهلي -28 جنوري (اي پي پي ) ڀارت جي سياحت لاءِ مشهور رياست گوا ۾ حڪومت ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي لڳائڻ تي غور ڪري رهي آهي  پرڏيهي ميڊيا موجب رياستي اڳواڻن کي خدشو آهي ته سوشل ميڊيا جا ٻارن جي صحت تي خراب اثر پئجي رهيا آهن. ڀارت ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ هڪ ارب انٽرنيٽ صارفين آهن. ڀارت کي وڏي ٽيڪنالاجي ڪمپنين ميٽا، گوگل، يوٽيوب …

نئين دهلي -28 جنوري (اي پي پي ) ڀارت جي سياحت لاءِ مشهور رياست گوا ۾ حڪومت ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي لڳائڻ تي غور ڪري رهي آهي  پرڏيهي ميڊيا موجب رياستي اڳواڻن کي خدشو آهي ته سوشل ميڊيا جا ٻارن جي صحت تي خراب اثر پئجي رهيا آهن. ڀارت ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ هڪ ارب انٽرنيٽ صارفين آهن. ڀارت کي وڏي ٽيڪنالاجي ڪمپنين ميٽا، گوگل، يوٽيوب ۽ ايڪس جي سڀ کان وڏي مارڪيٽ سمجهيو ويندو آهي جتي 18 سال کان گهٽ عمر جي ماڻهن جو وڏو انگ پليٽ فارمز کي استعمال ڪري ٿو جڏهن ته ملڪ جي مرڪزي حڪومت ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي جي حوالي سان ڪو به منصوبو نٿي رکي. رياست جي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري  وزير چيو آهي ته گوا ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تائين نابالغ ٻارن جي رسائي کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ آسٽريليا جي قانون جو جائزو وٺي رهيا آهيون. جيڪڏهن ممڪن ٿيو ته 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن تي سوشل ميڊيا جي استعمال لاءِ ان طرح جي پابندي لاڳو ڪنداسين. ڏاکڻي رياست آنڌرا پرديش جي آبادي پنج ڪروڙ 30 لک آهي جڏهن ته ان جي ابتڙ گوا ايراضي جي لحاظ کان سڀ کان ننڍي رياست آهي جنهن جي آبادي 15 لک کان وڌيڪ آهي.

مزید خبریں