آءِ سي سي انڊر 19 مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ سپر سڪس مرحلي ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور-27 جنوري (اي پي پي) آءِ سي سي انڊر 19 مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ سپر سڪس گروپ 2 جي ميچ ۾ پاڪستان انڊر 19 ٽيم شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي نيوزيلينڊ انڊر 19 کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. هراري ۾ کيڏيل ان ميچ ۾ عبدالسبحان جي تباهه ڪُن بالنگ ۽ سميع منهاس جي شاندار ناقابل شڪست اننگز پاڪستان جي ڪاميابيءَ جو بنياد بڻيو. پاڪستان ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ …

لاهور-27 جنوري (اي پي پي) آءِ سي سي انڊر 19 مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ سپر سڪس گروپ 2 جي ميچ ۾ پاڪستان انڊر 19 ٽيم شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي نيوزيلينڊ انڊر 19 کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. هراري ۾ کيڏيل ان ميچ ۾ عبدالسبحان جي تباهه ڪُن بالنگ ۽ سميع منهاس جي شاندار ناقابل شڪست اننگز پاڪستان جي ڪاميابيءَ جو بنياد بڻيو. پاڪستان ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو نهايت دُرست ثابت ٿيو. پاڪستاني بالرن شروعات ۾ ئي ڪيوي بيٽنگ لائن کي دٻاءُ ۾ رکيو ۽ نيوزيلينڊ جي پوري ٽيم 28.3 اوورز ۾ صرف 110 رنسن تي ڍير ٿي وئي. فاسٽ بالر عبدالسبحان شاندار بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون صرف 11 رنسن عيوض حاصل ڪيون ۽ ٽي ميڊن اوورز به ڪرايا، جنهن تي کيس راند جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. علي رضا به سٺي سپورٽ فراهم ڪندي 36 رنسون ڏئي ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته مجموعي طور پاڪستان طرفان 5 ميڊن اوورز ڪرايا ويا. نيوزيلنڊ طرفان هيوگوبوگ ڪجهه مزاحمت ڏيکاريندي 27 بالن تي 39 رنسون اسڪور ڪيون، جڏهن ته ٻيا بيٽسمين پاڪستان بالنگ آڏو بيوس نظر آيا. هڪ موقعي تي نيوزيلينڊ جو اسڪور 59 رنسن تي هڪ وڪيٽ هو پر ان کانپوءِ مسلسل وڪيٽون ڪِرڻ سان ٽيم 67 رنسن تي 7 رانديگرن کان محروم ٿي وئي ۽ ٻيهر ميچ ۾ واپسي نه ٿي سگهي. جواب ۾ پاڪستان انڊر 19 هدف جو پيڇو نهايت اعتماد سان ڪيو ۽ صرف 17.1 اوورز ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 112 رنسون ٺاهي ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي.  ان ڪاميابيءَ کان پوءِ پاڪستان انڊر 19 ٽيم (اڄ) بلاوايو رواني ٿيندي، جتي هو پنهنجو ٻيو سپر سڪس ميچ پهرين فيبروريءَ تي ڪوئنز اسپورٽس ڪلب ۾ روايتي مخالف ڀارت خلاف کيڏندو، ميچ جي شروعات مقامي وقت موجب صبح 9 لڳي 30 منٽن تي ٿيندي.

مزید خبریں