اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي احتساب بيورو جي پيشيواراڻي آزادي ۽ قومي وسيلن جي تحفظ جي ان جي مشن جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي نيب جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات جنهن ۾ هن وزيراعظم کي نيب جي سال 2025ع بابت سالياني رپورٽ …
وزيراعظم شهباز شريف سان قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جي ملاقات، وزيراعظم پاران نيب جي پيشيواراڻي آزادي ۽ قومي وسيلن جي تحفظ جي مشن جي حمايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي احتساب بيورو جي پيشيواراڻي آزادي ۽ قومي وسيلن جي تحفظ جي ان جي مشن جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي نيب جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات جنهن ۾ هن وزيراعظم کي نيب جي سال 2025ع بابت سالياني رپورٽ پيش ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پڻ ملاقات ۾ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيب جي ڪارڪردگي جو باضابطا جائزو ورتو ۽ نيب کي هڪ ٽيڪنالاجي جي بنيادتي هلندڙ اداري ۾ تبديل ڪرڻ کي ساراهيو. وزيراعظم جديد ٽيڪنالاجيز جي انضمام خاص طور تي مصنوعي ذهانت جي مدد سان جاچ کي ساراهيو. هن نيب جي اي – آفيس فريم ورڪ جي پڻ واکاڻ ڪئي جيڪو حڪومت جي وسيع تر ڪفايت شعاري ۽ شفافيت جي هدفن سان هم آهنگ آهي. وزيراعظم نيب جي عوامي خدمتن طرف ڌيان کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم نيب جي پيشيواراڻي آزادي ۽ قومي وسيلن جي تحفظ جي ان جي مشن جي حمايت جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نيب چيئرمين وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل سال نيب 6.213 ٽريلين رپين جي ريڪوري ڪئي جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. نيب چيئرمين وزيراعظم کي 2.98 ملين ايڪڙ رياست ۽ ٻيلن جي زمين کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو جنهن جي قيمت اٽڪل 5.99 ٽريلين رپيا آهي. هن ٻڌايو ته جعلي ۽ فراڊ هائوسنگ ۽ انويسٽمينٽ اسڪيمز جي 115،587 متاثرين کي 180 بلين رپيا واپس ڏياريا ويا جيڪا هڪ قومي خدمت آهي جنهن سان عام ماڻهو جو اعتماد بحال ٿيو. نيب چيئرمين ٻڌايو ته نيب ”کلي ڪچهري“ ۽ ”سينٽرل ڪمپلينٽ سيل“ ڪاميابي سان رياست ۽ ان جي شهرين جي وچ ۾ فاصلن کي ختم ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو آهي ته بيورو ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ بدران شڪايتن جي ازالي جو وسيلو بڻجي.











