اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير ۽ سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي ۽ امن امان جي لحاظ کان لاهور لنڊن کان وڌيڪ محفوظ آهي. گاڏين جي ڪارن شيشن تي 50 هزار ڏنڊ جو قانون موجود آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻ هي ضرورت بدران هڪ فيشن بڻجي چڪو آهي. اهڙو اظهار هن سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ …
گاڏين جي ڪارن شيشن تي 50 هزار رپيا ڏنڊ جو قانون موجود آهي: طلال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير ۽ سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي ۽ امن امان جي لحاظ کان لاهور لنڊن کان وڌيڪ محفوظ آهي. گاڏين جي ڪارن شيشن تي 50 هزار ڏنڊ جو قانون موجود آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻ هي ضرورت بدران هڪ فيشن بڻجي چڪو آهي. اهڙو اظهار هن سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته 10 سال اڳ جاري ٿيل سرٽيفڪيٽس جو غلط استعمال ڪيو ويو، ماڻهو هاڻ چمڙي جي بيماريءَ جو بهانو بڻائي ڪارا شيشا استعمال ڪن ٿا، جڏهن ته ايڪسائيز ايڪٽ تحت انهن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هن ڪميٽيءَ کي گذارش ڪئي ته ڪارن شيشن جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن ۾ ڪا متفقه پاليسي ناهي ان لاءِ اسان کي ڪميٽي گائيڊ ڪري. طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته دهشتگرد هاڻ پستول بدران سوشل ميڊيا جو سهارو وٺي رهيا آهن ۽ ملڪ خلاف ناڪاري ٽرينڊز جو حصو بڻجندڙن کي قانوني ڪارروائي جو مُنهن ڏسڻو پوندو. اجلاس دوران ڪميٽيءَ جي چيئرمين چيو ته جيستائين ڪا حتمي پاليسي نٿي بڻجي شهرين تي ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ مناسب ناهي. هن تجويز ڏني ته جيڪڏهن ڪو سيڪيورٽي يا شوق خاطر ڪارا شيشا رکڻ چاهي ٿو ته ان کان اضافي فيس وصول ڪئي وڃي. اجلاس ۾ سينيٽر ثمينه ممتاز ۽ سينيٽر طلحه محمود ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ پوليس جي ڪارڪردگي تي خدشن جو اظهار ڪيو. سينيٽر طلحه محمود چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ امن امان جا سنگين مسئلا آهن جن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. مملڪتي وزير جواب ڏنو ته ريپ جهڙا واقعا پوري دنيا ۾ ٿين ٿا پر پاڪستان جي مجموعي صورتحال عالمي شهرن جي مقابلي ۾ بهتر آهي.











