حڪومت قومي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيجيٽل تبديلي جو عمل تيز ڪرڻ جي لاءِ عالمي خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي مهارت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت قومي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار …

اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيجيٽل تبديلي جو عمل تيز ڪرڻ جي لاءِ عالمي خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي مهارت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت قومي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار برطانيا جي غيرسرڪاري دوري دوران مصنوعي ذهانت جي اهم ماهرن جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ڪالهه اڱاري ڏينهن جاري بيان موجب وفد ۾ عالمي ادارن ۽ تنظيمن بشمول بليڪ راڪ، يونيورستي آف ڪيمبرج، يونيورسٽي آف آڪسفورڊ، ڊيلويٽ ۽ دنيا جي ناليواري مصنوعي ذهانت ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جا سينيئر اڳواڻ شامل هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگيوليٽري اٿارٽي (پي وي اي آر اي) جو چيئرمين بلال بن ثاقب پڻ موجود هو. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت قومي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ نئين ٽيڪنالاجيز مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم پاڪستان جي ڊيجيٽل ۽ اقتصادي تبديلي کي تيز تر ڪرڻ جي لاءِ عالمي مهارت خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي شموليت جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته مصنوعي ذهانت جهڙي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي قومي ترجيحن، اداراجاتي صلاحيتن ۽ جامع ترقي جي مقصدن سان هم آهنگ هجڻ گهرجي. وزيراعظم ٻڌايو ته حڪومت عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ نجي شعبي سان حصيداري تي ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي. وفد جي ميمبرن پاڪستان جي اهم چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مصنوعي ذهانت جي عملي استعمال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي مملڪي وزير بلال بن ثاقب چيو ته مصنوعي ذهانت پاڪستان جي لاءِ هاڻي ڪو مستقبل جو تصور نه آهي پر اهو حال جو سنهري موقعو آهي ۽ حڪومت ان حوالي سان ٺوس قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم سان وفد جي ملاقات ڊيجيٽل تبديلي، جدت طرازي جي ترقي ۽ ٽيڪنالاجي سان هلندڙ عوامي پاليسي جي ڊگهي مدي واري ويزن ۽ عالمي سوچ رکندڙ اداراجاتي حصيدارن کي شامل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي وسيع حڪمت عملي جي عڪاسي ڪري ٿي.

مزید خبریں