اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سڄي ملڪ ۾ ضرورت جي شين جي دستيابي ۽ قيمتن جي جائزي جي لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار صوبن ۾ بنيادي ضرورت جي شين جي وڏن ذخيرن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وفاقي ۽ صوبائي عملدارن کي هدايت ڪئي ته …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ضرورت جي شين جي دستيابي ۽ قيمتن جي جائزي جي لاءِ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سڄي ملڪ ۾ ضرورت جي شين جي دستيابي ۽ قيمتن جي جائزي جي لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار صوبن ۾ بنيادي ضرورت جي شين جي وڏن ذخيرن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وفاقي ۽ صوبائي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي خاص طور تي رمضان مهيني جي اچڻ جي ڏس ۾ مسلسل ۽ موثر نگراني جاري رکن ته جيئن هٿرادو مهانگائي، ذخيره اندوزي ۽ منافعي خوري جي ذريعي صارفين جي استحصال کي روڪي سگهجي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، چيف سيڪريٽري بلوچستان، ٽي ڊي اي پي جي چيرئمين، فيڊرل بورڊ آف روينيو، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ۽ واپار واري وزارت جي عملدارن ۽ صوبائي خوراڪ کاتن جي نمائندن شرڪت ڪئي.











